21 ہفتہ , اپریل 2018

عوامي آواز نيوز | خيرپور ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن تي دوائن جي کوٽ مريض رلي ويا

صحت کاتي جي بي ڌياني سبب خيرپور ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن تي دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي، جنهن سبب بيماري مريض علاج جي سهولتن کان محروم آهن.

ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن راڻيپور، ٺري ميرواھ،  هنڱورجا ۽ سوڀو ديرو سميت ڪيترن ئي سينٽرن تي گذريل 6 مهينن کان دوائن جي فراهمي نه ٿيڻ سبب غريب عوام مهانگي اگهه تي دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهي.

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نثار احمد ڦلپوٽو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پهريان ڊي ايڇ او ذريعي دوائن جي فراهم ڪندي هئي، جڏهن ته گذريل ڇهن مهينن کان دوائون فراهم ڪرڻ لاءِ خانگي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو آهي.

رورل هيلٿ سينٽرن جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت آءِ ايڇ ايس ڪمپني کي دوائون فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو.

سندن چوڻ آهي ته خانگي انتظاميا جي بي ڌياني سبب 6 مهينن کان دوائن جي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن ڪري مريض دوائون خانگي اسٽورن تان خريد ڪري استعمال ڪري رهيا آهن.

 

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند ٻارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-04-21

*کپرو:دڪان تي جوابدارن  جو حملو ، مستري رتورت ، سانگهڙ اسپتال منتقل *خيرپور:سٽي اسپتال موت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے