16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ايس ايم ايس کي 25 سال مڪمل ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائل فون ذريعي نياپو موڪلڻ واري عمل، جنهن کي ايس ايم ايس چئبو آهي، کي 25 سال مڪمل ٿي ويا آهن. دنيا جو پهريون ايس ايم ايس 3 ڊسمبر 1992ع ۾ موڪليو ويو، جنهن ۾ ”ڪرسمس مبارڪ“ ٽائپ ڪيو ويو هو. اهو نياپو برطانيا جي هڪ ٽيلي ڪام ڪمپني سيما گروپ جي 22 ورهين جي ملازم نيل پاپورٿ ڪرسمس پارٽي ۾ مصروف ڪمپني جي ڊائريڪٽر رچرڊ ديرواس کي موڪليو هو. نيل پاپورٿ کي اهو ميسيج ڪميپوٽر ذريعي ٽائپ ڪري موڪليو ويو هو، ڇو ته ان وقت ٽيلي فون ۾ بورڊ جي سهولت موجود نه هئي، جڏهن ته نيل پاپورٿ کي پنهنجي اوربيٽل 901 هنڊ سيٽ تي اهو نياپو مليو هو پر ان وقت هو جوابي ميسيج نه پئي موڪلي سگهيو، ڇو ته ان دور ۾ ٽيڪسٽ موڪلڻ جو ڪو طريقي ڪار موجود ئي نه هو. ٽيڪسٽ ميسيجن کي مشهوري راتو رات نه ملي پر ان لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو پيو. سڀ کان پهريان ته ان فيچر کي جي ايس ايم اسٽينڊرڊ جو حصو بڻايو ويو هو ۽ صحيح طريقي سان اها سروس 1994ع ۾ ان وقت متعارف ٿي، جڏهن نوڪيا پنهنجي موبائل فون 2010ع وڪري لاءِ پيش ڪئي، جنهن ۾ سولائي سان ميسيج لکڻ ممڪن هو. اڄ 97 سيڪڙو اسمارٽ فون واهپيدار ٽيڪسٽ ميسيج ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موڪليندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ موبائل فون جي خاص ٻولي به جڙندي پئي وڃي. مختلف رپورٽن موجب سڄي دنيا ۾ رڳو هڪ ڏينهن ۾ 18.7 ارب تحريري نياپا موڪليا ويندا آهن. ايس ايم ايس جي ڪري وڏا وڏا خط لکڻ جي روايت به لڳ ڀڳ ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته عيد يا خاص موقعن لاءِ ڪارڊ موڪلڻ جو رجحان به ختم ٿي ويو آهي. هڪ اندازي موجب موبائل فون واهپيدار ڪالز جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ تحريري نياپا موڪليندا يا وصول ڪندا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے