25 سومر , جون 2018

ايم ڪيو ايم جا جيترا به ڌڙا ٺهندا اهي موهن جو دڙو ٿي ويندا: فاروق ستار

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته متحدا جا جيترا به ڌڙا ٺهن، اهي موهن جو دڙو بڻجي ويندا، اسان جو ووٽ بئنڪ نٿو ورهائي سگهجي. ميرپورخاص ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف سازشون ڪندڙ ته ورهائجي سگهن ٿا پر اسان جو ووٽ بئنڪ نٿو ورهائي سگهجي، ڇو ته مهاجر ۽ مظلوم ڪالهه به اسان سان گڏ هئا ۽ اڄ به گڏ آهن. ان کان اڳ خطاب ڪندي خواجا اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي حلوو سمجهندڙن لاءِ ميرپورخاص ئي ڪافي آهي، سنڌ حڪومت اسان کي پيئڻ جي صاف پاڻي بدران ڪچرو ۽ گندگي ڏني آهي، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ حڪومت کان حساب وٺنداسين. ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته اسان ساڳي مهاجر نالي ۽ لغڙ سان گڏ رهنداسين، ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان زلزلي مان گذري چڪا آهيون، هاڻ ننڍا لوڏا رهجي ويا آهن، انهن مان به گذري وينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The polling time should be kept from 7 to 7 nights till 8 o'clock: Fawad Chaudhary

پولنگ جو وقت صبح ست کان 7 کان رات 8 وڳي تائين رکيو وڃي: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پولنگ جو وقت صبح ست وڳي کان رات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے