26 جمعرات , اپریل 2018

نواز شريف سان ڀاڪر پائيندي سڀ شڪايتون ختم ٿي ويون: جاويد هاشمي

لاهور(ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ۾ ملڪي سياست جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ڪجهه دانهون به ڏنيون، نواز شريف مون کي ڪا به دانهن نه ڏني، هن سان ڀائر پائيندي ئي منهنجون دانهون ختم ٿي ويون. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو ته ملڪ ۾ 16 وزير اعظمن کي ڪڍيو ويو ۽ اڄ تائين پاڪستان ۾ پارليامينٽ ۽ سويلين جي بالادستي قائم ناهي ٿي سگهي مون سڄي زندگي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، آئو ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيان، هن وقت سان خطرن ۾ وچڙيل آهيون ۽ اسان کي گڏجي ملڪ ۾ جمهوريت جي بهتري ۽ عوام جي ووٽن جو تقدس بحال ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. منهنجا نواز شريف سان 34-35 سالن کان لاڳاپا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے