16 اڱارو , جنوري 2018

جاويد هاشمي جي ڪنهن به پارٽي ۾ وڃڻ سان ڏکڻ پنجاب جي سياست تي ڪو اثر نه پوندو: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو اهي ته جاويد هاشمي جي ڪنهن به پارٽي ۾ وڃڻ سان ڏکڻ پنجاب جي سياست تي ڪو به اثر نه پوندو، جيڪو بچندو اهو ئي اينڊڙ چونڊون وڙهندو.  تفصيل موجب هڪ تقريب کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري مون کي آئوٽ ڪري ڇڏيو هو هاڻ نواز شريف کي آئوٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي قتدار ۾ اچي واپاري ڀائرن جي فلاح ۽ بهبو لاءِ ڀرپور بندوبست ڪيا. هن چيو ته واپاري ڀائر ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن ۽ پيپلز پارٽي واپارين سميت هارين، مزدورن ۽ عوام جي حقن جي واحد ضامن ۽ محافظ پارٽي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے