20 خميس , سيپٽمبر 2018

فيشن شو ۾ شرڪت ڪرڻ تي سعودي عرب جو واپار وارو صلاحڪار عهدي تان فارغ

رياض(ويب ڊيسڪ) سعوديه جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر غسان کي فيشن شو ۾ شرڪت ڪرڻ تي عهدي تان برطرف ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو ادارن موجب سعوديه جي راڄڌاني رياض ۾ رٿيل فيشن شو ۾ شرڪت جي ڪري سعوديه جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر غسان کي پنهنجي عهدي تان هٿ ڌوئڻا پيا. ڊاڪٽر عسان عورتن جي ڪپڙن جي مشهوري بابت رياض ۾ رٿيل فيشن شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سعوديه جي عوام واپار واري وزير کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو جنهن بعد ڊاڪٽر غسان به ٽويٽر تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي فيشن شو جي مذمت ڪئي. تنهن هوندي سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڊاڪٽر غسان کي عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے