17 اربع , جنوري 2018

دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري آهن: پاڪستان جو آمريڪا کي جواب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت  آمريڪي پرڏيهي وزير جيمز ميٽس سان ملاقات دوران واضع موقف اختيار ڪندي چيو ته سمورن دهشتگردن خلاف بنا امتياز ڪارروائيون جاري آهن. وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ بچاءُ وارو وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجا آصف، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ (ر) ناصر خان جنجوعا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم مختيار به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ آمريڪا جي نئين ڏکڻ ايشيائي پاليسي جا معاملا غور هيٺ آيا جڏهن ته ملاقات ۾ پاڪستان خطي جي سلامتي جي حوالي سان پنهنجو موقف کليل نموني بيان ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے