21 خميس , جون 2018

نواز شريف جو نظريو چونڊن ۾ ڌانڌلي، اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسر کي پيسا کارائڻ آهي: عمران خان

ليه(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ هر پاڪستاني تي 1 لک 30 هزار رپيا قرض آهي، هتي اهو ملڪ بڻجندو جتي سوئٽرز لينڊ کان وڌيڪ سياح هتي ايندا ۽ اسان دنيا ۾ هڪ مثال بڻجنداسين، ٻاهران جا ماڻهو بهترين تعليم جي ڪري هتي پڙهڻ ايندا جڏهن ته پاليسيون بڻائبيون ته پنهنجي هاري جي مدد ڪيئن ڪرڻي آهي. ليه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو ته ڪا به قوم سدائين مٿي ناهي رهندي ۽ ڪا به قوم هميشه هيٺ ناهي رهندي، جيڪا قوم پنهنجي غلطين مان سڌرندي آهي  اها ٻيهر اٿي بيهندي آهي، اتر ڪوريا ملائيشيا جي ماڻهن پاڪستانين کان سکيا ورتي ۽ اڄ هو اسان کان به اڳتي نڪري ويا آهن. اسان هن ملڪ کي هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين جيڪو سڀني کي پوئتي ڇڏيندو. هي اهو ملڪ بڻجندو جتي ٻاهريان ماڻهو پاڪستان ۾ نوڪريون ڳولهڻ ايندا، رياست اعليٰ تعليم ننڍڙي طبقي کي ڏيندي آهي. هن چيو ته اسان پهرين ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪنداسين پوءِ انڊر پاس ۽ ميٽرو تي خرچ ڪنداسين، 2013ع ۾ پختونخواهه ۾ 3 هزار ڊاڪٽر هئا اڄ 9 هزار آهن، ڪي پي ڪي ۾ پهريون ڀيرو ڏيڍ لک ٻار پرائيويٽ اسڪولن کان سرڪاري اسڪولن ڏانهن آيا. هن چيو ته ڪي پي ۾ تعليم جي معيار کي بهتر ۽ ڪيو سٺا استاد مقرر ڪيا، آئون عوام کي هن ئي پاڪستان مان پيسا گڏ ڪري ڏيکاريندس جڏهن ته عوام جي پيسي تي عاشيون ڪرڻ نه ڏينداسين. اسان غريبن لاءِ صحت ڪارڊ آندا ۽ نواز شريف پنهنجي ڀيٽ مون سان نه ڪري، منهنجو ڪيس به سپريم ڪورٽ ۾ آهي منهنجو جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون اهو پاڪستاني آهيان جنهن ٻاهران پيسا ڪمائي ڏيهه آندا، نواز شريف جو نظريو سڌو سنئون آهي، نواز شريف جو نظريو چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ آهي، نواز شريف نظريو اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسر کي پيسا کارائڻ آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

The details of the assets of Shahbaz Sharif and Hamza Shahbaz

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے