20 خميس , سيپٽمبر 2018

احستاب عدالت حسن نواز ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ٻنهي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. کين احتساب عدالت ۾ مسلسل عدم حاضري جي ڪري اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي خلاف نيب آرڊيننس جي سيڪشن 512 تحت شهادتون رڪارڊ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت نواز شريف جي ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيندي سندن خلاف شهادتون رڪارڊ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت نيب طرفان داخل ٽنهي ريفرنسن ۾ حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏنو آهي. احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران قومي احتساب بيورو ٻڌايو ته حسن ۽ حسين نواز جي پاڪستان ۾ ڪا به ملڪيت ناهي ملي جڏهن ته انهن جا بينڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا پهرين ئي ضبط ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے