18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي هڪ هفتي تائين ڇوٽ جي درخواست منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٻيهر شروع ٿي جنهن دوران نواز شريف جي هڪ هفتي تائين حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي. تفصيل موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزير اعظم، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر خلاف نيب طرفان ٽن ريفرنسن جي ٻڌڻي ڪئي. وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته فاضل جج نواز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو اصيل ڪيسيتائين پيش ٿيندو، بهتر ٿيندو ته جوابدارن جي موجودگي ۾ شاهد بيان قلمبند ڪرائن. جنهن تي وڪيل خواجا حارث ٻڌايو ته نواز شريف ٽين کان ساڍي ٽين وڳي تائين پيش ٿيندو. عدالت وڪيل موقف ٻڌڻ کان پوءِ خانگي بينڪ سان لاڳاپيل شاهد محمد طيب جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ سندس هڪ هفتي تائين ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے