26 جمعرات , اپریل 2018

جدوجهد جا ايندڙ مرحلا سينيئر برزگ سياستدانن سان گڏجي طئي ڪنداسين: سعد رفيق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته سينيئر سياستدان جاويد هاشمي نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ جمهوريت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. پنجاب هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته اڄوڪي ملاقات نواز شريف جي دعوت تي ٿي، جاويد هاشمي جي خيالن سان ن ليگ جي قيادت اتفاق ڪندي آهي، جدوجهد جا ايندڙ مرحلا جاويد هاشمي سان گڏجي طئي ڪنداسين. ريلوي واري وزير چيو ته اهڙيون ملاقاتون هڪ ٻئي کي شرمندو ڪرڻ لاءِ ناهن ٿينديون، جاويد هاشمي اثاثو آهي، ڪو ٻيو شخص جاويد هاشمي نٿو ٿي سگهي، هن وڌيڪ چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ جاويد جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے