18 جمعرات , جنوری 2018

دل جي دوري کان پهريان خبردار ڪندڙ ايپ تيار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالوجي فرم ايپل اهڙي ايپلي ڪيشن تيار ڪئي آهي جيڪا دل جي دوري کان پهريان ئي توهان کي خطري جو الرٽ جاري ڪندي. ڪمپيوٽر ۽ آءِ فون ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني ايپل هڪ موبائل فون ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي آهي جيڪا ايپل واچ مان ڊيٽا حاصل ڪري دل جو ڌڙڪڻ اڻ ترتيب ٿيڻ تي صارف کي آڳاهه ڪندي، جيئن ته دل جو ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ دل جي دوري جو هڪ وڏو سبب آهي، ان ايپلي ڪيشن جو نالو ”ايپل هارٽ اسٽڊي“ رکيو ويو آهي جيڪو ايپل واچ ۾ لڳل هارٽ ريٽ سنسر کان ڊيٽا حاصل ڪندو آهي. اها ايپ يو ايس ايپ اسٽور تي موجود آهي جيڪا ايپل واچ سيريز ون يا پوءِ واري ماڊلز ۾ انسٽال ٿي سگھندي، اها ايپ هارٽ ريٽ ۽ دل جي ڌڙڪڻ جي صحيح يا اڻ ترتيب ٿيڻ واري عمل کي نوٽ ڪندي آهي. جيڪڏهن سڀ ڪجهه درست آهي ته گھڙي ۾ گرين لائٽ ٻرندي جڏهن ته غير معمولي صورتحال ۾ گھڙي جي لائٽ فلشنگ ڪندي جنهن کان پوءِ ايپل واچ ۽ آءِ فون ۾ هڪ نوٽي فڪيشن اچي ويندو جيڪو توهان کي ان غير معمولي صورتحال کان آڳاهه ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ جو نيوز فيڊ ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ نيوز فيڊ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے