16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ميڪ اپ صاف ڪرڻ کان سواءِ سمهڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو: ماهر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڇوڪريون ۽ عورتون جڏهن ڪنهن تقريب تان واپس اينديون آهن ته شايد سڀ کان ڏکيو ڪم کين پنهنجي چهري تان ميڪ اپ صاف ڪرڻ لڳندو آهي ۽ هو سستي جي ڪري ميڪ اپ صاف ڪرڻ کان سواءِ ئي سمهي پونديون آهن ڇو ته کين اندازو ناهي ته ميڪ اپ صاف ڪئي بنا سمهڻ انهن لاءِ ڪيترو نقصان ڪار ثابت ٿي سگھي ٿو. اکين جو ميڪ اپ خوبصورتيءَ ۾ اهميت وارو هوندو آهي، تنهن هوندي ڪنهن به تقريب تان واپسي تي جڏهن اکين تي لڳل ڪجل يا ٻيو ميڪ اپ نه هٽايو وڃي ته اکيون پهريان ڳاڙهيون ٿي سگھن ٿيون ۽ خطرناڪ انفيڪشن جو به خطرو آهي جيڪو صحيح ٿيڻ ۾ گھڻو وقت وٺندو آهي. رات جو سمهڻ کان پهريان توهان جو چهرو موهيڙن جو شڪار ٿي سگھي ٿو. سڄي رات ميڪ اپ چهري تي رهڻ سان چهري جا مسا متاثر ٿيندا جنهن کان پوءِ اهڙا موهيڙا نڪري پوندا جيڪي ڏکيائي سان ختم ٿيندا آهن. ميڪ اپ نه هٽائڻ سان توهان جي صاف چهري تي داڻا نڪري سگھن ٿا جيڪي چهري جو انفيڪشن ٿي ويندا آهن. عورتون ۽ ڇوڪريون چاهن ٿيون ته تقريبن تان واپس اچڻ تائين سندن لپ اسٽڪ جو رنگ ۽ چمڪ ختم نه ٿئي تنهن هوندي سڄي رات لپ اسٽڪ لڳل رهڻ سان چپ گھڻا خشڪ ٿي ويندا آهن جنهن سان چپن جو موائسچر ختم ٿي ويندو آهي. ميڪ اپ نه هٽائڻ سان موهيڙن ۽ داڻن کان پوءِ  توهان جي جلد گھڻي خشڪ ٿيڻ سان گڏ ڇڪجي ويندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جم جا 7 ورزشي اوزار جن تي باٿ روم کان به وڌيڪ جراثيم هوندا آهن…

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان روزانو ورزش جا شوقين آهيو ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے