16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

جرمن شخص کي زندهه رهڻ لاءِ روزانو 20 ليٽر پاڻي پيئڻ ضروري

ميونخ (ويب ڊيسڪ) هڪ نارمل شخص ڏينهن ۾ 8 کان 10 ليٽر پاڻي پيئندو آهي پر دنيا ۾ اهڙو منفرد شخص به موجود آهي جنهن کي زندهه رهڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 20 ليٽر پاڻي پيئڻ ضروري آهي نه ته سندس حياتي  خطري ۾ پئجي سگھي ٿي. جرمني جو رهواسي 35 ورهين جو مارڪ وبين هورسٽ جيڪڏهن ڏينهن ۾ 20 ليٽر پاني نه پئي ته سندس حياتي کي وڏو خطرو آهي. مارڪ نالي شخص ميٽا بولڪ جي بيماري ’’ڊائبيٽس انسائپيڊس‘‘ جو شڪار آهي ان بيماري ۾ گھڻو پيشاب ايندو آهي جيڪو گھڻي اُڃ ۽ ڊي بائيڊريشن جو سبب بڻجندو آهي. جيڪڏهن مارڪ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پاڻي نه پئي ته سندس جسم خشڪ ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن  اڳئين لمحي ۾ هو مري ويندو. پاڻي پيئڻ ۾ ٻه ڪلاڪن جو وقفو به مارڪ لاءِ موت مار ثابت ٿي سگھي ٿو، ڇو ته ڊي هائيڊريشن جي ڪري سندس چپ سُڪي ويندا آهن ۽ مٿو ڦرڻ سان گڏوگڏ بي چيني ٿي ويندي آهي. اها هڪ ڪيمياب بيماري آهي جيڪا عمر جي ڪنهن به حصي تي حملو ڪري سگھي ٿي. تنهن هوندي مارڪ جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي هو ان مرض جو شڪار آهي ۽ ڪڏهن به سندس اُڃ ختم نه ٿيندي آهي. پنهنجي نوعيت جي ان منفرد شخص جو چوڻ آهي ته هو رات جو ڪڏهن ٻه ڪلاڪن کان وڌيڪ مسلسل سمهي نه سگھندو آهي ۽ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ اٿي پاڻي پيئندو آهي ايتري قدر جو بيماري جي شروعاتي ڏينهن ۾ پاڻي جي سخت طلب کي نظر ۾ رکندي پاڻي جون بوتلون پنهنجي ڪمري ۾ رکندو هيس ۽ هڪ رات ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 ڀيرا واش روم ويندو هيس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جم جا 7 ورزشي اوزار جن تي باٿ روم کان به وڌيڪ جراثيم هوندا آهن…

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان روزانو ورزش جا شوقين آهيو ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے