21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

جمهوريت ۽ ن ليگ بهتر هوندو نواز شريف سياست کان الڳ ٿي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي جمهوريت ۽ ن ليگ بهتر هوندو ته نواز شريف کان الڳ ٿي وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جو بحران سموري ملڪ کي متاثر ڪري رهيو آهي، سنڌ سرڪار پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ صاف پاڻي لاءِ سموري صوبي ۾ آر او پلانٽ لڳايا پيا وڃن. سنڌ ۾ ڊيمن جي اڏاوت سان گڏ واهن کي به پڪو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته خوشي آهي ته وڏي وزير کي معاملو عدالت سامهون رکڻ جو موقعو مليو آهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ سي پيڪ جو دهل وڄايو پيو وڃي، اتي ته پاڻي ئي ناهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي ڏاکڻين علائقن ۾ به پاڻي جو مسئلو آهي، سنڌ ڇا اسلام آباد به پيئڻ جي پاڻي جي بحران جو شڪار آهي، ٻين صوبن پيئڻ جي پاڻي جو ڪهڙو حل ڪڍيو آهي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي جمهوريت ۽ ن ليگ لاءِ بهتر هوندو ته نواز شريف سياست کان الڳ ٿي وڃي. هن چيو ته اسان جو موقف رهيو آهي ته پرڏيهي پاليسي تي ن ليگ غير سنجيده رهي آهي، جيڪڏهن چئن سالن تائين ڪو پرڏيهي وزير نه رهيو ته پرڏيهي پاليسي کي نقصان ته پهچندو. سندس چوڻ هو ته اسان دنيا کي نه ٻڌايو آهي ته اسان ڇا ڇا ڪيو آهي، پاڪستان ڪيترو متاثر ٿيو آهي، اسان جو موقف دنيا سامهون وڃڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے