20 ہفتہ , جنوری 2018

نواز شريف جي ٻيهر پارٽي صدر بڻجڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ٻيهر پارٽي صد بڻجڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي ٻيهر پارٽي صدر بڻجڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عامر فاروق مخدوم نياز انقلابي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي، درخواست ۾ نواز شريف، اليڪشن ڪميشن ۽ سيڪريٽري اليڪشن کي ڌر بڻايو ويو آهي، وفاق طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد محمود عدالت ۾ پيش ٿيو، هن عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت گهري جنهن تي عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت نواز شريف، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ٽيون ڀيرو نوٽس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.a

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے