19 اربع , سيپٽمبر 2018

جاويد هاشمي کي ڀڄائڻ ۾ ن ليگ جي هڪ شخصيت جو هٿ آهي، جيڪا پاڻ سائيڊ تي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جاويد هاشمي کي ڀڄائڻ ۾ ن ليگ ليگ جي هڪ شخصيت جو هٿ هو، اڄ ڪلهه اها شخصيت پاڻ سائيڊ لائين ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ ڇڏڻ وقت جاويد هاشمي کي چيو هو ته پارٽي نه ڇڏ، نواز شريف ۽ شهباز شريف کانپوءِ جاويد هاشمي سينئر ترين اڳواڻ آهي. هن چيو ته صبح جو ڀٽڪيل شام جو گهر واپس اچي وڃي ته کيس ڀٽڪيل نه چيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته جاويد هاشمي کي ٻيهر پارٽيءَ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو. خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف ته نااهل ٿي چڪو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين جي ڪيسن ۾ عدالت تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، پڪ آهي ته ڪيسن ۾ عدالت انصاف ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے