19 جمعہ , جنوری 2018

آمريڪي بچاءَ وارو وزير جيمز ميٽس جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ سان ملاقات    

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي بچاءَ وارو وزير جيمز ميٽس   وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي آهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سرد آجيان ڪئي وئي، جيمز ميٽس جي استقبال لاءِ سندس پاڪستاني هم منصب سميت ڪو به وزير موجود نه هو ۽ نور خان ايئر بيس تي بچاءَ ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين ساڻس ملاقات ڪئي. آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون موجب جيمز ميٽس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بچاءَ واري وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجه آصف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ رٽائرڊ ناصر جنجوعا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم مختار شرڪت ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ آمريڪا جي نئين ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين اختيارين سان ملاقات ڪري رهيو آهي.  پاڪستاني قيادت سان ملاقات دوران آمريڪي بچاءَ وارو وزير علائقائي سلامتي، امن، افغان تڪرار ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے