17 اربع , جنوري 2018

واجپائي لاهور ۾ آزاد ڪشمير پاڪستان کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي: فاروق عبدالله

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر فاروق عبدالله چيو آهي ته والاريل ڪشمير ته سنڀالي نه ٿا سگهون، آزاد ڪشمير ۾ هٿ وڌو ته نئين مصيب اچي ويندي، ڀارت جنگ ذريعي ڪشمير حاصل نه ٿو ڪري سگهي، آمريڪا کان ٽياڪڙي ڪرائي وٺي، واجپائي لاهور ۾ آزاد ڪشمير پاڪستان کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. نئين دهلي ۾ انڊيا ٽو ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي فاروق عبدالله چيو ته واجپائي پاڪستان کي آڇ ڪئي هئي ته ايل او سي ٺيڪ ڪري پاڪستان آزاد ڪشمير رکي ڇڏي ۽ اسان والاريل ڪشمير رکي وٺنداسين. هن چيو ته واجپائي بس ۾ پاڪستان وڃڻ کان اڳ مون کي گهرايو ۽ ٻڌايو ته هو لاهور وڃي رهيو آهي، مان چيو ته مبارڪ هجي، جڏهن واپس آيو ته مان پڇو ته توهان پاڪستان ۾ ڇا ڪيو، جنهن تي هن ٻڌايو ته مان اتي حڪمرانن کي ٻڌايو ته توهان اهو حصو پاڪستاني ڪشمير رکو ۽ اسان هي رکي وٺنداسين ۽ ايل او سي کي ٺيڪ ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن واجپائي ايندڙ اليڪشن کٽي ها ته معاملو گهڻو بهتري طرف وڃي ها، شايد اها اسان جي بدقسمتي آهي، خبر ناهي ڪيستائين اسان کي ڇڪتاڻ ڏسڻي پوندي. فاروق عبدالله چيو ته پرويز مشرف ڀارت جو دورو ڪيو ۽ اشوڪا هوٽل ۾ ماني تي ساڻس ملاقات ٿي، ساڻس ملائي چيو ويو ته هي ٿرڊ پارٽي آهي، جنهن تي مان چيو ته جناب مان ٿرڊ پارٽي نه پر فرسٽ پارٽي آهيان. هن چيو ته ڀارت وٽ طاقتور فوج، ايئر فورس ۽ نيو آهي، 4 جنگيون توهان ڪري ورتيون، جيڪو علائقو هو اهو به پاڪستان کي ڏنو ويو، هاڻي ڪيستائين اسان کي مارايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے