24 آچر , جون 2018

مون ايندڙ سال لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي 2017ع ۾ ختم ڪري ڇڏي: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن مقابلو ڪندس، اسان 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر مون واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي لوڊشيڊنگ 2017ع ۾ ئي ختم ڪري ڇڏي. ان ڪري هاڻ اهو چوندا ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي.  پنجاب هائوس ۾ پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پنهنجي خلاف ايندڙ فيصلن جي خبر هئي، اهي فيصلا منهنجي خلاف نه پر ملڪ جي ترقي جي خلاف آيا پر اسان ملڪ ڇڏڻ وارا ناهيون، اسان کي ڪڍڻ وارا صادق ۽ امين ناهن، هن چيو ته مون کي وقت کان پهرين ڪڍيو ويو، آئون ڀرپور سياسي ۽ قانون ويڙهه وڙهندس،  اسان کان حساب وٺڻ وارن کان پڇيو ته هو ملڪ جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهن، اڳوڻي وزير اعظم چيو ته منهنجي ملڪيت ڪارڪن آهن، ڊڄڻ وارن مان ناهيان، آئون ڀرپور سياسي ۽ قانوني ويڙهه وڙهندس، هن چيو ته توهان ڏسي رهيا آهيو ته اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته طئي ڪري ورتو آهي ته نواز شريف کي سزا ڏيڻي ئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي عوام جي دلين مان ڪير به نٿو ڪڍي سگهي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهيا آهيون، ان ايجنڊي کي تار تار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے