26 جمعرات , اپریل 2018

لڳي ٿو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين جي فيصلي ۾ به مون کي نااهل ڪيو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنسز ۾ پيشي کان پوءِ صحافي اڳوڻي وزير اعظم کان سوال ڪيو ته عمران خان جو فيصلو محفوظ آهي، سپريم ڪورٽ هن وقت تائين ٻڌايو ڇا چوڻ چاهيندا؟ جي جواب ۾ نواز شريف جواب ڏنو ته لڳي ٿو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين جي فيصلي ۾ مون نااهل ڪيو ويندو. تفصيل موجب احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي، ڪيسن جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ريفرنس گڏ ڪرڻ بابت درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ٻڌڻي 1 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نواز شريف پنهنجي وڪيل خواجا حارث سان ڪيسن ۽ لنڊن روانگي بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ لنڊن وڃڻو آهي، ريفرنس گڏ ڪرڻ تي فيصلو جيڪو به ٿيو، ڇوٽ تي فيصلو ورتو ويندو، هن چيو ته ملڪ جو وزير اعظم آزاد پر ڪيئن هتي ويهاريو ويو. ان تي خواجا حارث تجويز ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پهرين اچڻ ڏيو، اميد آهي عدالت اڄ ڇوٽ تي به فيصلو ڏيندي، جنهن کان پوءِ اڳوڻو وزير اعظم پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي سان گڏ پنجاب هائوس روانو ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار تحريڪ انصاف ۾ شامل ناهي ٿي رهيو: ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته چوڌري نثار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے