18 جمعرات , جنوری 2018

احتساب عدالت، شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شريف ڪٽنب خلاف ريفرنسز جي ٻڌڻي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ريفرنسز گڏ ڪرڻ بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ اڄ منجهند فيصلو ٻڌائيندي، عدالت کان اپيل آهي ته ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وڃي. نيب پراسيڪيوٽر جي مخالفت ڪندي چيو ته شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ طئي ٿيو هو، هو موجود آهن ان ڪري بيان رڪارڊ ڪيا وڃن. احتساب عدالت جي جج ٻڌڻي اڄ منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان تي نواز شريف جي وڪيل سوال چيو ته ڇا جوابدارن کي ٻيهر اچڻ جي ضرورت آهي؟ احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته جوابدارن جو ٻيهر اچڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪرڻو پيو ته جوابدارن جي موجودگي ضروري آهي، عدالت نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ وڳي طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے