19 اربع , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ: حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏينهن عيد جو ڏينهن ڪري ملهايو ويو، شهر ۾ عيد جا منظر

سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ به هزارين سنڌ واسين اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن ٽوپي اجرڪ وارا جيئن، قومي گيتن تي رقص ڪري ڀرپور نموني ثقافتي ڏينهن ملهايو،

پيش آهي عتيق ملاح جي هيءَ رپورٽ.

 سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان حيدرآباد سميت ڀرپاسي وارن شهرن ۾ اڄ عيد وارا منظر هئا،

 حيدرآباد پريس ڪلب جي ميزبانيءَ هيٺ ملهايل ثقافت ڏينهن واري هڪ ئي بينر هيٺ سڄو ڏينهن فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي،

 ثقافتي قافلن جي هٿ ۾ عوامي آواز ثقافت جو آواز بينر کنيل هئا، اردو  ۽ سنڌي ميڊيا جي گڏيل هن ثقافتي ڏينهن تي ٻارڙا به ثقافتي ويس وڳا پائي سنڌ جا نعريٰ هڻندا تقريب ۾ پهتا،

 صبح کان وٺي سج لٿي تائين ملهايل هن ثقافتي ڏينهن تي عورتن به قافلن جي شڪل ۾ ثقافتي ويس وڳن سان شرڪت ڪئي،

حيدرآباد پريس ڪلب تي ٿيندڙ تقريب ۾ سمورن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پنهنجي پارٽي جي جهنڊن سان گڏ اچي قومي  ۽ ثقافتي گيت ٻڌا. هن تقريب ۾ ناميارين راڳين قومي گيت ڳائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے