24 آچر , جون 2018

سڄي سنڌ ۾ ثقافتي عيد جا رنگ، ڌرتي ڌڻين طرفان امن جو پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ننڍا توڙي وڏا شرڪت ڪري ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. اڄ صبح سان ئي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، ٺٽي، بدين، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ مردن، عورتن توڙي ٻارڙن ثقافتي لباس پهري شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسڪولن ۾ پڻ تقريبون ڪوٺائي تقريرون ۽ خاڪا پيش ڪري ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو قومي عيد طور ملهايو ويو، جنهن ۾ قوم پرستن، سياسي، سماجي تنظيمن، شاگردن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ پريس ڪلب تي مک تقريب جاري آهي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان نڪتل ريليون شريڪ ٿيون. تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن طرفان فن جو مظاهرو پڻ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مختلف سياسي، سماجي ۽ شهري تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي سنڌ سان ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ويو. ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان حيدرآباد شهر جي سمورن روڊن رستن تي بئنر ۽ پينا فليڪس لڳايا ويا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے