19 اربع , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ: کپرو: ٻارڙن ٽيبلوز ۽ مزاحيه شاعري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، جهمريون هڻي خوشيون ڪيون

عوامي آواز ٽي وي جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڏنل سڏ جي موٽ ۾پوري سنڌ جيان کپرو تعلقي ۾ به عوامي آواز – سنڌ جي ثقافت جو آواز جي حوالي سان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو.

پيش آهي عبدالرزاق راجپوت جي هيءَ رپورٽ.

سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ روشن تارا هاءِ اسڪول کپرو ۾ اڄ زبردست ثقافتي پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين دل کولي پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪيو،

                روشن تارا هاءِ اسڪول پاران ڪرايل ثقافتي پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، تلاوت حافظ مولوي مقصود ڪئي، شاگردياڻين سنهيا ۽ آشا آفاقي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جا بيت ۽ وايون پنهنجي معصوم آواز ۾ پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو،

ثقافتي پروگرام ۾ نيها ،آشا ،شيواني،ڪومل، ديوي، لاجوتي ثقافتي گيت پيش ڪري حاضرين محفل کي موهي وڌو.

جڏنهن تـه تقريري مقابلن ۾ دعا، جوتي، شهباز، ياسر علي ،منيشا، ديوي، شاهدھ، راجا ميرزمان شر ثقافت تي خوبصورتي سان ڳالهايو.

ٻارڙن جي مختلف گرپون ڪيئي قومي گيتن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.

جڏهن ته ٻارڙن جي ڪجهه گروپن مزاحيه خاڪا ۽ مزاحيا شاعري پيش ڪري پڻ داد حاصل ڪيو.

 مصطفي گروپ مزاحيا شاعري پيش ڪري شاگردن کي خوب کلايو، حامد گروپ ڀوتارن تي مزاحيا شاعري پيش ڪري پاڻ مڃايو.

سنڌ جي ثقافتي مچ ڪچهري ۾ مبارڪ گروپ ڳجھارتون، نڙ بيت ،گيت پيش ڪري ويٺلن کي حيران ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي هڪ ڪڌي رسم ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرڻ واري رسم خلاف بـه شاگردن جي سجنا گروپ هڪ نصحيت ڀريو خاڪو پيش ڪري سنڌ واسين کي هڪ پيغام ڏنو تـه ننڍي عمر ۾ شادي سنڌ تي بدنما داغ آهي ان لاءِ حڪومت قانون تي عمل ڪرائي،

                سگا کپرو جي جرنل سيڪريٽري اسلم فراز، جوائنٽ سيڪريٽري حاجي خان بوزدار، محمد علي ڪنڀر، ثقافتي ڏهاڙي جو سڏ ڏيڻ تي عوامي آواز ٽي وي سٿ جو شڪريو ادا ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhara

نيوز |  ٻهارا ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن جون عمارتون زبون حال، ٻارڙا کلي آسمان هيٺ پڙهڻ تي مجبور

ٻهارا  ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جي پراڻين عمارتن سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے