20 ہفتہ , جنوری 2018

نااهل وزيراعظم کي جيتري ڍَر ملي ايتري بربادي ٿيندي: طاهر القادري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته عوام کي بغاوت تي اڪسايو پيو وڃي، نااهل وزيراعظم کي جيتري ڍَر ملي ايتري بربادي ٿيندي. پنهنجي بيان ۾ طاهر القادري اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته هلندڙ هفتي جسٽس باقر نجفي ڪميشن رپورٽ تي فيصلو اچي ويندو، نيشنل ايڪشن پلان غير فعال رکڻ وارا هاڻ ان کي مڪمل طور ختم ڪرڻ چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ جو فيصلو تڪراري نه گڏيل آهي، ناڪاري پروپئگنڊا پڪڙ جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته ڇا نواز شريف سپريم ڪورٽ خلاف ”مارچ“ جا اعلان ڪري رهيو آهي؟ عوام کي بغاوت تي اڪسايو پيو وڃي، نااهل وزيراعظم کي جيتري ڍَر ملي ايتري بربادي ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے