21 ہفتہ , اپریل 2018

عوامي آواز نيوز| رتو ديرو شهر ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو

رتي ديري ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي جي سڏ تي ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. شهر ۾  سياسي ، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻي ۾  اسڪولي شاگردن ۽ شهرين  سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪا پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو. تقريب کي جسقم، ايس ٽي پي، شهيد ڀٽو ۽ هندو پنچائت جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ثقافتي ڏهاڙو سنڌي قوم لاءِ عيد جو ڏڻ آهي، جنهن کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ  عوام پنهنجن گهرن کان نڪري روڊن رستن تي محبت جو پيغام پهچائي رهيا آهن. هنن چيو ته شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ  جي ڌرتي جا ثقافت جي ڏهاڙي تي سموري دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏيڻ لاءِ گهرن کان نڪري آيا آهن. ٻئي پاسي  سوڀي ديري ۾  کهڙا فائونڊيشن طرفان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن قومي گيتن تي جهمريون هڻي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:لاڙڪاڻو: ڪاشف شاهه جي وارثن احتجاجن تڏو نه کنيو،  انصاف جي گهر

*لاڙڪاڻي ويجهو پوليس تشدد ۾مارجي ويل نوجوان ڪاشف شاهه جي وارثن احتجاجن تڏو نه کنيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے