17 اربع , جنوري 2018

شاگرد تنظيمن طرفان فوري طور پابندي هٽائي وڃي: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ادارن ۾ تڪرار وفاق لاءِ خطرو آهي، ملڪ جا سڀ ادارا آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن، شاگرد تنظيمن تان پابندي فوري طور هٽائي وڃي. سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي ڪتاب جي افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته رياست کي ٻاهريان توڙي اندريان خطرا آهن، ملڪ ۾ سڀ ادارا گڏ هجڻ لازمي آهي. هن چيو ته ضياءَ جي دور ۾ شاگرد تنظيمن تي پابندي مڙهي وئي، تعليمي ادارن ۾ ترقي پسند تنظيمن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، رياست اهي حالتون پيدا ڪيون جو اڄ انتهاپسندي نظر اچي رهي آهي، طالب علمي جي دور ۾ جن سياست ۾ حصو ورتو، اهي پنهنجي نظريي تي قائم آهن. رضا رباني مطالبو ڪيو ته شاگرد تنظيمن تان فوري طور پابندي هٽائي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے