23 ڇنڇر , جون 2018

اڳوڻي يمني صدر عبدالله صالح طرفان ڳالهين جي آڇ، سعودي عرب جي آجيان

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي سربراهيءَ ۾ قائم اتحاد يمن جي اڳوڻي صدر عبدالله صالح طرفان ڳالهين جي آڇ جي آجيان ڪئي آهي. عبدالله صالح کي 2012ع ۾ تنهن وقت اقتدار ڇڏڻو پئجي ويو جڏهن سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿيا، کيس ايران جي حامي حوثي باغين جي حمايت حاصل آهي. علي عبدالله صالح هڪ ٽي وي بيان ۾ چيو ته هو هڪ نئين شروعات لاءِ تيار آهي، جڏهن سعودي اتحاد اتر يمن جي ناڪابندي ختم ڪري ۽ حملا روڪي ڇڏي. هن چيو ته مان پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي ڀائرن کي چوان ٿو ته هو پنهنجي اڳرائي ۽ ناڪابندي ختم ڪن ۽ اسان هڪ نئين شروعات ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته هو حوثي باغين طرفان سندس پارٽي جي ميمبرن تي حملي جي مذمت ڪري ٿو. علي عبدالله صالح جي هڪ ترجمان چيو ته اڳوڻي صدر هي فيصلو حوثي باغين جي نامناسب رويي سبب ڪيو آهي. سعودي عرب جي قيادت ۾ اتحاد اڳوڻي يمني صدر جي آڇ جي آجيان ڪندي چيو ته اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهڻ سان يمن کي ايران جي حامي مليشيا مان آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته کين اعتماد آهي ته صالح جي پارٽي واپس عرب دنيا ۾ اچي ويندي. حوثين جي هڪ ترجمان چيو ته صالح جي تقرير اتحاد ۽ ڀائيواري خلاف بغاوت آهي ۽ اهڙي دوکي کي وائکو ڪيو آهي جيڪو اڳرائي خلاف کڙو ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جو ناراض اڳواڻ عرفان الله اخوانزاده ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عرفان الله اخوانزاده ساٿين سميت پيپلز پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے