18 جمعرات , جنوری 2018

عوامي آواز نيوز:کپرو ۾ عوامي آواز ٽي وي جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڏنل سڏ جي موٽ ثقافتي پروگرامن جو سلسلو زور شور سان جاري آهي

کپرو ۾ عوامي آواز ٽي وي جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڏنل سڏ جي موٽ ۾ پوري سنڌ جيان کپرو تعلقي ۾ تعليم بچايو ثقافت بچايو جي سري هيٺ ثقافتي پروگرامن جو سلسلو زور شور سان جاري آهي.

سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي انتظام هيٺ هلندڙروشن تارا هاء اسڪول کپرو (برانچ) ۾ اڄ عوامي آواز جي ڏنل سڏ جي موٽ ۾ زبردست ثقافتي پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين دل کولي پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪيو.

 روشن تارا هاء اسڪول پاران ڪرايل ثقافتي پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي تلاوت حافظ مولوي مقصود ڪئي جڏنهن نعت شريف رسول بخش پيش ڪئي

ثقافتي پروگرام ۾ اسڪول جي استادن الطاف احمد،امتياز علي  شاھ،ظهير احمد ،شاگردن منيشا ڪماري،الينا،پريانڪا ،جنيد احمد ، محمد اسماعيل جي محنتن پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا .

آخر ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن گلاب جي گلن سان عوامي آواز ٽي وي جو بينر ٺاهي عوامي آواز ٽي وي کي خراج تحسين پيش ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: مومل جي ماڙي: جهوني ڪارڪنن ڪامريڊ ولي محمد ڪلادي کي پ پ قيادت وساري ڇڏيو

مومل جي ماڙي جو رهواسي ڪامريڊ ولي محمد ڪلادي پيپلز پارٽي  کي 60 سال ارپي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے