25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي شاهوڪار ثقافت

سنڌ اڄ ثقافت جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ثقافت تي ايئن نازُ ڪن ٿا، جيئن دنيا جون ٻيون قومون، هو جئين ته پنهنجي ثقافت سان جنون جي حد تائين پيار ڪن ٿا ٿا، تنهن ڪري هن ڏينهن کي  ” قومي عيد “ طور ملهائن ٿا، اڄوڪي ڏينهن  رنگ، نسل، ذات، پات ۽ مذهب کان هٽي ڪري سڀني سنڌ واسين کي ٻڌيءَ جي لڙهيءَ ۾ پوئي ڇڏيندو آهي، جنهن جي ڪري ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ چئنيءَ پاسن ۾ چمڪي پوندي آهي، جرڪي اٿندي آهي.

سنڌ جيئن ته انڊس سولائيزيشن يعني عظيم، سنڌ و تهذب جي امين آهي ۽ انڊس سولائيزيشن کي وري دنيا  جي تهذيبن ۾ مُهندار تهذيب هئڻ جي حيثيت حاصل آهي. اُهو ان ڪري جو دنيا، ايتري قدر جو اولهه جا، يورپ جا ماڻهو جڏهن اونداهي دور ۾ زندگي گذاريندا هئا، غارن ۾ رهندا هئا، پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ وڻن جا پتا استعمال ڪندا هئا.  تڏهن سنڌ وٽ مُهين جي دڙي جي صورت ۾ اڄوڪي ڪراچي، دهلي، نيويارڪ، بيجنگ، پيرس، شنگهائي جهڙو ميئٽرو  پوليٽن شهر موجود هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي دنيا جي قديم ترين مهذب قوم سڏجي ٿي.

سُرَ سنگيت، راڳ ويراڳ، ناچ، رقص، زراعت، محنت پورهيو. ٽوپي، اجرڪ، لُنگي، کيتن، ٿَر، بر، ڪاڇو، ڪوهستان، وچولو، ڀٽائي، سچل سامي، قلندر، سنڌو، ڍنڍون، ڍورا، مڪلي، ڪينجهر، منڇر، حمل، ڪراچي، مطلب ته سنڌ ڪراچيءَ کان ڪوهستان تائين چئني ڏسائن ۾ هر شعبي ۾ آهي. مرڪندي به رهي آهي ته جرڪندي رهي آهي ۽ انهن سڀني شين جي ڪري سنڌ ٻڌي ۽ پيار ۽ محبت جي لڙهيءَ ۾ پويل رهي آهي. پر سنڌ جيئن ته تاريخي طور خوشحال خطو رهي آهي. تنهن ڪري هميشه مارين جي اک ۾ رهي آهي ۽ هميشه ان تي هلائون به ٿينديون رهيون آهن. سنڌ هميشه ڳنڍڻ جي راهه جي راهي رهي آهي، تنهن ڪري هلائن، سازشن، باوجود سنڌ اڄ به دنيا جي قومن ۾ فخر سان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل نظر اچي ٿي.

سنڌ جي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي، جيڪو جيڪي سنڌ تي ڌرتي ڌڻين جو حق حاڪميت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هجن، ڌرتيءَ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي سوچ رکندڙ هجن، تن وٽ به مهمانن کي ٻاهران ايندڙ سياحن کي مانُ ڏيڻ لاءِ جي ڪا سوکڙي ڏيڻي پئي ٿي ته اُها منهنجي سنڌ جو ” اجرڪ ۽ ٽوپيءَ “ ئي هجي ٿي.

اڄ ثقافت جو ڏينهن، جنهن کي اسان قومي عيد چئون ٿا، سو ملهائڻ سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجي ثقافت جو مانُ، پنهنجي تهذيب، تمندن ۽ شاندار قديم تاريخ جو مانُ مٿانهون رکڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي سميت جيڪي شعبا زوال جو شڪار آهن، تن جو وڃايل عوج واپس ڪرڻ لاءِ پتوڙڻ جو وچن به ڪرڻ گهرجي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ شاهوڪار ثقافت ۽ شاندار تهذيب ۽ تمندن جي وارث آهي پر ان کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ اڄ  جي جديد دور ۾ جڏهن دنيا ترقي ڪري وڃي چنڊ تي پهتي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي، پنجن هزارن کان وڌيڪ اسڪول بند آهن،  ماڻهن کي سندن دروازي تي صحت جي سهولت ميسر ناهي، ٿر ۾ ٻار غذائيت جي کوٽ سبب موت جي منهن ۾ آهن، ٻهراڙيءَ جون عورتون غير تربيت يافته داين جي رحم ڪرم تي آهن،سياسي طرح سنڌي اڄ به ويڳاڻا آهن، غربت ۽ بيروزگاري سنڌ جي سماج ۾ گهر ڪري ويهي رهي آهي، اڄ به ڪاڇي ۾، جاگير ۾، ڪوهستان ۾ ،مطلب ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ئي ميسر ناهي ۽ اڄ جي ايڪهين  صديءَ ۾ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتون گهڙو مٿي تي کڻي ميلن جا ميل پنڌ ڪري پاڻيءَ جي تلاش ۾ نڪرن ٿيون. يونيورسٽين ۾، اسڪولن ۾ ۽ ڪاليجن ۾ محنت ۽ کوجنا واري سوچ جي جاءِ امتحانن ۾ڪاپيءَ اچي والاري آهي،  جنهن جي ڪري تعليمي ادارن مان جيڪا کيپ نڪري ٿي، سا بروبر ڊگري ته حاصل ڪري ٿي پر اڪثريت ۾ اها اهليت ۽ صلاحيت ئي نه ٿي هجي، جيڪا مارڪيٽ مقابلو ڪري سگهجي.

اڄ جي ڏينهن سنڌ جيئن ته محبت ۽ ٻڌي جي مالها ۾ پويل هجي ٿي، تنهن ڪري سڄي سنڌ کي ۽ سنڌ واسين کي به ثابت ڪرڻ گهرجي ته ثقافت رڳو اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ جو نانءُ ناهي، اچو ته ٻڌي ڪيون، گڏجي وڌئون، ڇو ته سنڌ جي تعليم کي درست دڳ لائڻو آهي، سنڌ جي صحت جي شعبي کي سڌارڻو آهي، سنڌ جا ماڻهو جيڪي ڪاري ڪامڻ جي موتمار  بيماريءَ جي ور چڙهي ويا آهن، جتي ايڇ آءِ وي ايڊز جهڙو خطرناڪ مرض پير کوڙي رهيو آهي، تن کي صحتمند معاشرو فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل  نموني پاڻ پتوڙڻو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي نه رڳو علاج جي سهولت سندن درن تي مهيا ڪرڻي آهي پر بيمارين جي سڃاڻپ جو جديد نظام مهُيا ڪرڻ لاءِ به ڪوششن جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ هنر مند افرادي قوت وڌائڻ سان گڏوگڏ وچولي طبقي جي اهڙي سياسي جماعت لاءِ پتوڙڻ  جي ضرورت آهي. جنهن جو محور فقط سنڌ هجي ۽ اها سنڌ جي ماڻهن سان آواز ۾ آواز به ملائي هلي ۽ سنڌ جي دردن جي درمان لاءِ  پاڻ پتوڙي.

آچر  ڊسمبر 2017ع، 14ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے