18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

موبائيل ايپس سبب ڇوڪرن ۽ وڏي عمر جيي ماڻهن ۾ ايڊز بيماري ڦهلجي رهي آهي: نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي آفيسر صوفيا فرقان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ايڊز جهڙي خطرناڪ بيماري ۽ هم جنس پرستي جي وڌڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. برطانوي اخبار گارجين جي رپورٽ مطابق دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ايڊز کي شڪست ڏني وڃي پئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اها ٽيڪنالاجي نوجوانن ۾ ايڊز جي ڦهلجڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. طبي ماهرن ۽ سماجي ڪارڪنن خبردار ڪيو آهي ته موبائيل فون ايپلي ڪيشنز ۽ سوشل ميڊيا نوجوانن وچ ۾ باهمي ملڻ جا نوان دروازا کولي ڇڏيا آهن ۽ ٽيڪنالاجي هم جنس پرستي جي وڌڻ جو به ذريعو بڻجي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ايڊز جو مرض به ڦهلجي رهيو آهي. ملڪ ۾ هم جنس پرست ماڻهو رابطي لاءِ موبائيل فون ايپلي ڪيشن جو فائدو کڻي رهيا آهن. 10 سالن ۾ پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جي تعداد ۾ ڊرامائي حد تائين سالانو 17.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. 2005 ۾ انهن جي تعداد 8360 هئي جيڪا 2015 ۾ 46 هزار تائين پهچي وئي. اهو به چيو پيو وڃي ته ايڊز جي حقيقي مريضن جي تعداد ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي آفيسر صوفيا فرقان ٻڌايو ته مردن جي رابطي واري موبائيل ايپس جي سبب ڇوڪرن ۽ وڏي عمر واري ماڻهن ۾ ايڊز ڦهلجي رهي آهي، هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ سستي موبائيل ڊيوائسز کي ان جو سبب قرار ڏنو. برطانوي اخبار جي مطابق ٽيڪنالاجي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ايڊز جي ڦهلجڻ جو سبب بڻجي رهي آهي، جن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا به شامل آهن. صوفيا ويجهو ئي ٿيل هڪ سروي جو حوالي ڏيندي چيو ته ان سروي ۾ 39 سيڪڙو ماڻهن اعتراف ڪيو ته انهن پنهنجي ساٿي يا دوست کي موبائيل ايپس ذريعي تلاش ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے