16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

عوامي آواز نيوز | نالي واري قوم پرست اڳواڻ حبيب جتوئي جي پٽ سيف جتوئي کي ظاهر ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

نامياري سياسي ۽ قومي اڳواڻ حبيب جتوئيءَ جي کنڀي گم ڪيل 16 سالن جي پُٽَ کي اڄ 2- ڊسمبر تي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي،

سيف الرحمان جتوئيءَ تي سپرهاءِ وي ٿاڻي تي 13- ڊي جي هڪ ڪيس سميت، قلم 34، 120- ڊي، 121،123- ڊي ، 124 – اَي ۽ 7 اَي ٽي اَ تحت بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،

پنج مهينا اڳ حيدرآباد جي ڀٽائي ننگر ٿاڻي جي حد مان رينجرز جي ڪارروائيءَ دوران گرفتار ڪيل سيف جتوئيءَ کي اڄ سپر هاءِ وي سائٽ ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو آهي

سيف جتوئيءَ خلاف سپر هاءِ وي سائٽ ٿاڻي تي اعجاز علي سيال سب انسپيڪٽر جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيس جو انويسٽيگيشن آفيسر سپر هاءِ وي سائٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او محمد حسن چانڊيو آهي،

سيف الرحمان جتوئي تي ايف آءِ آر نمبر

553/17 ۽ 554/17 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،

داخل ڪيل ايف آءِ آرز ۾ سرڪاري موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته………..، ڳجهن ادارن کي 30 نومبر تي اطلاع مليو ته اسڪيم نمبر 33- جي وزير بروهي ڳوٺ ۾ هڪ پابندي پيل تنظيم جا ڪجهه ميمبر اجلاس ۾ شريڪ آهن، جيڪي پاڪستان جي سالميت، افواج پاڪستان ۽ ملڪي مفادن خلاف هڪ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيم جا اهڙا ميبر افواج پاڪستان، پاڪستان جي سالميت ۽ سي پيڪ خلاف مواد پڻ تقسيم ڪري رهيا آهن،

اهڙي اطلاع تي ڳجهي ايجنسين جي اهلڪارن ڪارروائي ڪري سيف جتوئيءَ کي گرفتار ڪيو

ٻئي طرف سيف الرحمان جتوئيءَ جي والد حبيب الرحمان اطلاع ڪرڻ تي ٻڌايو ته………….، سيف جتوئي کي 12- جولاءِ تي ڀٽائي ٽائون مان گرفتار ڪيو ويو،

سيف جتوئي جي گرفتاريءَ جي ٻئي ڏينهن اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، جنهن ۾ سيف جتوئي جي فوري گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪورٽ سڳوريءَ کي گذارش ڪئي وئي،

عدالت سڳوري 21- جولاءِ تي حڪم جاري ڪيو ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سيف جي کنڀجڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي،

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي حڪم بعد اسان ڀٽائي ننگر ٿاڻي حيدرآباد تي رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي،

ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بعد اسان سيف الرحمان جي بازيابيءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهره ڪيا ۽ تحريڪ هلائي، جيڪا تاحال جاري آهي،

ٻئي طرف سيف الرحمان جتوئيءَ خلاف سپرهاءِ وي ٿاڻي تي 13- ڊي جي هڪ ڪيس سميت، قلم 34، 120- ڊي، 121،123- ڊي ، 124 – اَي ۽ 7 اَي ٽي اَ ي تحت بغاوت جا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته 1 ڊسمبر تي اَي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

سيف الرحمان هاڻي سپرهاءِ وي سائٽ ٿاڻي جي تحويل ۾ آهي،

واضع رهي ته سيف الرحمان جتوئيءَ کي پنجن مهينن بعد ظاهر ڪيو، جڏهن ته اڳ رينجرز سميت ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ اداري سندس جي گرفتاري قبول نه ٿي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ پيپلز پارٽي جو اجلاس

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے