19 اربع , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ |ٽنڊو آدم ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ تقريب منعقد ٿي

ٽنڊو آدم ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ تعلقه ايجوڪيشن کاتي جي عملدارن سميت شاگردن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي …..
پيش آهي سليمان ساند جي هي رپورٽ…………،
ٽنڊو آدم آفيسر ٽنڊو آدم سيد عبيدالله شاھ ، پ ٽ الف صدر لکاڏنو خاصخيلي ، وفا رضا بلوچ ، امداد راهي ، گانڌي رام ، غلام رسول ٻجورو ، رفيق ٻجورو ، ساگر ڏهراج ، اسلم پٺاڻ ، ممتاز ڏاهري، علي اڪبر برهماڻي، عبدالحميد ڀچو استادن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي،
سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ سميت ٽنڊو آدم تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافت جي حوالي سان تقريرون ڪيون ۽ مختلف ٽيبلوز ۽ قومي گيت پيش ڪيا جن تي سڀني گڏجي جهمريون هنيون ان موقعي تي تي ٽي اي او سيد عبيدالله شاھ ، لکاڏنو خاصخيلي ، وفا رضا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا وارث آهيون سنڌ جي ثقافت دنيا جي ثقافتن کان منفرد آهي زنده قومون پنهنجا ثقافتي ڏهاڙا وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آھن ثقافتي ڏهاڙو اسان جي قومي عيد جو ڏينهن آهي جڏهن ته آل پرائيويٽ اسڪولس ايسوسي ايشن ٽنڊو آدم پاران محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين مرزا اشفاق بيگ , پروفيسر عبدالحميد شيخ , ميونسپل ڪميٽي ٽنڊي آدم جي چيئرمين مسرور احسن غوري , دلدار خان غوري , غلام سرور مشوري ، ولي محمد عمراڻي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ دي سٽي هائير سيڪنڊري اسڪول ، بحريا فائونڊيشن ڪاليج ، زندگي فائونڊيشن اسڪول ، اسلامڪ ماڊل هاءِ اسڪول سميت شهرجي مختلف اسڪولن جي شاگردن ، استادن جي وڏي انگ ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پڻ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ ڌرتي سان وفا جو وچن ورجايو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته, هنن چيو ته ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي . هنن چيو ته تعليم کانسواءَ اسان ترقي نٿا ڪري سگهون ان لاءَ اسان کي گهرجي ته پنهنجي اولاد خاص طور نياڻين کي تعليم ڏياريون ڇو ته اسان تڏهن ترقي ڪري سگهنداسين جڏهن اسان تعليم يافته هونداسين .
سليمان ساند ٽنڊو آدم

هي به ڏسي سگهو ٿا

KalabaghDam, MirpurBathoro

نيوز | ميرپور بٺورو: جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي

ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے