20 جمعو , جولاءِ 2018

عوامي آواز رپورٽ:کپري ۾ سچل پبلڪ اسڪول کپرو ۾ ثقافت جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي

کپرو  .   عوامي آواز پاران اعلانيل 3 ڊسمبرسنڌ جو آواز ثقافت جو آواز ڏينهن جي حوالي سان سموري سنڌ امڙ جي ماڻهن جيان کپري  هٿونگي، اڇڙي ٿر ۽ ڀرپاسي ۾ تيارين جو سلسلسو جاري آهي ان سلسلسي ۾ کپري ۾ سچل پبلڪ اسڪول کپرو ۾ ثقافت  جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردياڻين مختلف قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري جهمريون هنيون رنگا رنگ ثقافتي ويس وڳا پائي پهتل شاگردياڻين مايا ڪماري ، پوجا ڪماري ، ليلا هنڱورجو ، مهڪ بوزدار ۽ مقدس شيخ  ۽ ٽوپي اجرڪون پهريل خوبصورت شاگردن ميرچند اوڏ ، جانو اوڏ ، شمش الدين درس شفقت الله هنڱورجو۽ لڇمڻ داس مختلف خاڪا ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا  تقريب ۾ اسڪول جي استادن سائين منير احمد لغاري ، آصف علي بوزدار ، سرفراز علي بوزدار ، گلزار علي هنڱورجو ، محمد خان شر ، انيس احمد لاشاري ، شرف الدين ڪٻر ۽ عزيز احمد لاشاري سميت اسڪول جي ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن عوامي آواز ٽي وي  سان ڳالهائيندي چيو ته هو هرسان جان هن سال به ثقافتي ڏينهن  عوامي آواز ٽي وي سان گڏ جي ملهائيندا .عبدالرزاق راجپوت کپرو

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Police took theft stolen, 2 escaped escaped

نيوز: ڌاٻيجي : پوليس چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي، 2 جوابدار فرار

*ڌاٻيجي پوليس چيڪنگ دوران چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي، جڏهن ته 2 جوابدار فرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے