17 اربع , جنوري 2018

عوامي آواز نيوز | کپري ۾ثقافتي تقريبون جاري، ڊسمبر عوام آواز ٽي وي سان گڏ ملهائڻ جو وچن

کپري  ۽ ڀرپاسي ۾ عوامي آواز جي ميڊيا گروپ جي سڏ تي 3 ڊسمبر جي حوالي سان  تقريبن جو سلسلو جاري آهي

کپرو، هٿونگو، اڇڙي ٿر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيارين جو سلسلو جاري،ماڻهون  3 ڊسمبر جي حوالي سان تمام گهڻو   خوش آهن

هوڏانهن  کپري جي سچل پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي

ان موقعي تي شاگردياڻين مايا ڪماري ، پوجا ڪماري ، ليلا هنڱورجو ، مهڪ بوزدار ۽ مقدس شيخ  ۽ ٽوپي اجرڪون پهريل خوبصورت شاگردن ميرچند اوڏ ، جانو اوڏ ، شمش الدين درس شفقت الله هنڱورجو۽ لڇمڻ داس مختلف خاڪا ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا.

 

تقريب ۾ اسڪول جي استادن منير احمد لغاري ، آصف علي بوزدار ، سرفراز علي بوزدار ، گلزار علي هنڱورجو ، محمد خان شر ، انيس احمد لاشاري ، شرف الدين ڪٻر ۽ عزيز احمد لاشاري سميت اسڪول جي ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن عوامي آواز ٽي وي  سان ڳالهائيندي چيو ته هو هرسال جيان هن سال به ثقافتي ڏينهن  عوامي آواز ٽي وي سان گڏ جي ملهائيندا ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز رپورٽ | ڪراچي : ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو: پوليس

ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو: پوليس حملي دوران ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے