27 جمعہ , اپریل 2018

افغان فورسز داعش کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي: اشرف غني

باڪو ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي صدر اشرف غني چيو آهي ته افغان فورسز ملڪ ۾ داعش کي شڪست ڏئي شدت پسندن کي پهاڙن تائين محدود ڪيو ويو آهي. آذر بائيجان ۾ ٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني چيو ته دهشتگردي رڳو افغانستان يا علائقائي مسئلو نه آهي پر هاڻي اهو ناسور سموري دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي، اهڙي ناسور جي خاتمي لاءِ گڏجي هلڻو پوندو، پاڻ ۾ رابطن سان گڏ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان سمورن ملڪن خاص طور تي پاڪستان سان ڳالهين ۽ سهڪار لاءِ هر وقت تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي خاص فوج ۽ ڪمانڊوز طرفان دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ هن وقت تائين 50 کان 70 ملين ڊالر جو خرچ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ شدت پسند داعش کي شڪست ڏئي سندن ماڻهن کي پهاڙن تي بک مرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اشرف غني چيو ته افغان فورسز آمريڪا ۽  نيٽو جي مدد سان هر آپريشن کي آزاد نموني انجام ڏينديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے