17 اربع , جنوري 2018

رت جي راند کڏيندڙ انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته رت جي راند کيڏندڙ انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي مذمتي بيان ۾ عمران خان چيو ته نهايت خطرناڪ حملي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ناڪام بڻائڻ اطمينان جوڳي ڳالهه آهي، وڏي نقصان کان محفوظ رکڻ تي الله جو شڪر ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ڪي پي پوليس جي پيشور بنيادن تي جوڙجڪ  ڪامياب ثابت ٿي رهي آهي، پوليس جي سڌاري کانپوءِ هاڻي ڪي پي کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ سولو ناهي، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ پيشور مهارت جو نتيجو آهي.هن چيو ته رت جي راند کيڏندڙ انسانيت ۽ اسلام جا دشمن آهن. سندس چوڻ هو ته واقعي جي حقيقي ذميوارن تائين پهچڻ لاءِ جٽادار جاچ ڪئي وڃي ۽ شهيد ٿيلن جي وارثن سان گڏ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے