20 جمعو , جولاءِ 2018

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

اسلام آباد/ ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلعم عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. جشن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 توپن سان ڪئي وئي. اسلام آباد جناح اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ پروقار تقريب سجائي وئي، لاهور ۾ سلامي جي پروقار تقريب ڪينٽ جي علائقي محفوظ شهيد گيريزن ۾ ٿي، سلامي جي موقعي تي فضا پاڪ فوج جي جوانن جي الله اڪبر جي نعرن سان گونجي وئي. عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مختلف محفلن، جلوس، ريلين، سيمينار ۽ تقريبن جو انتظام ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ به عيد ميلاد النبي جي موقعي تي هوائون درود ۽ سلام سان گونجي رهيون آهن، مسجدن، گهرن، سرڪاري عمارتن کي رنگي برنگي بلبن سان سجايو ويو آهي. سڪيورٽي خدشن سبب ڪراچي، سکر، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي. سنڌ جي گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد موجب موبائيل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، رات 8 وڳي سروس بحال ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زمبابوي خلاف اڄ چوٿين ون ڊي ميچ: ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان واڌايون

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان زمبابوي خلاف اڄ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے