21 اتوار , جنوری 2018

عوام ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملن جو عدالتي نوٽيس

ڪالهه، سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي خلاف پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان اسلام آهر ئي هلندو پر اسلام تي ڳالهائڻ تي بندش وارو فلسفو نه هلي سگهندو. اسلام جي نالي ۾ ماڻهن توڙي سرڪاري ملڪيتن جو نقصان ڪرڻ جائز ڳالهه ناهي. ملڪ جي سرڪار توڙي ملڪ جي حساس ادارن تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪڏهن ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ به سوچيو وڃي.

ٻڌڻيءَ ۾ عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته فيض آباد آپريشن ۾ ڪيترا موت ٿيا، جنهن تي هن ٻڌايو ته موت جو ڪو به واقعو نه ٿيو آهي، واقعي ۾ 173 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.جڏهن ته ڌرڻي ۾ ٿيل نقصانن بابت ڄاڻ پنجاب حڪومت ڏئي سگهي ٿي، پنجاب حڪومت جي اڻ صحيح ٿيل رپورٽ ملي آهي، رپورٽ موجب 146 ملين جو نقصان ٿيو آهي. تنهن تي جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته صحافين کان پڇي وٺو، صحافي توهان کي پڇي وٺندا ميٽرو جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن جو ڪيترو نقصان ٿيو، هي عوام جو پئسو آهي، ڪير ٻڌائيندا هي نقصان ڪير پورو ڪندو. جسٽس چيو ته اسلام جي نالي تي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن جي نقصان جي اجازت ڪٿي آهي. جسٽس قاضي فائز چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ڇا هتي اسلام تي ڳالهائي نه ٿو سگهجي، پاڪستان اسلامي نظريي تي ئي هلندو. ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جو نمائندو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس قاضي ادارن جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي ايجنسيون ڇا ڪري رهيون آهن، هر شيءَ سياسي ايجنڊا نه هوندي آهي، ڪڏهن ملڪ لاءِ به سوچيو وڃي.

جمعو  پهرين  ڊسمبر  2017ع، 12 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ جو احترام هر ڪنهن تي لازم هئڻ گهرجي

دنيا جي ملڪن ۾ هر قسم جي سياست ٿيندي آهي ۽ ٿي رهي به آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے