21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي دهشتگردن جو حملو، 11 ڄڻا شهيد، 5 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي گادي واري هنڌ پشاور ۾ زرعي يونيورسٽي ويجهو ڊائريڪٽوريٽ زراعت تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 5هٿياربند مارجي ويا. پوليس ذريعن موجب زرعي يونيورسٽي ويجهو ڊائريڪٽوريٽ جنرل زراعت تي ٽن نقاب پهريل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. اطلاع ملندي ئي پوليس، ايف سي ۽ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته يونيورسٽي روڊ ۽ چوڌاري روڊن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 23 ماڻهو زخمي ٿي پيا. اکين ڏٺن شاهدن موجب واقعي واري هنڌ تي شديد فائرنگ ۽ هڪ ڌماڪي جو آواز به ٻڌو ويو. سڪيورتي فورسز جي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ 5 ئي دهشتگردمارجي ويا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊ 2018ع: بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊ 2018ع جي سلسلي ۾ بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے