17 اربع , جنوري 2018

صابر سيدپوري جي شاعريءَ جو ڪتاب چنڊ جهڙا پرين:ادل سولنگي

سج ڪرڻا سوجهرا، چانڊوڪيءَ جي ورکا، پرهه ڦٽي، ماڪ جي مهڪار، مينهن جون اوڙڪون، ڏکڻ جون هوائون، درياهه جو چاڙهه، سمنڊ جون ويرون، ڪونج قطارون، اُٺن جا وڳ، مال جا ڌڻ، ڇيلن جون ڇانگون، ٽلين جي جانجهه، بينن جا سُر، پکين جون لاتيون، ٻيلن جو ٻُور، وارياسيون ڀٽون، ارڏا پهاڙ، مورن ٽهوڪا، هرڻن جا ڇال، ڀنڀورين ۽ پوپٽن جون اڏارون، کيتن جي خوشبو، گلن جا رنگ، مينديءَ جو هڳاءُ، کنوڻيون کجڻ، ڪڪر ڪارونڀار ٿيڻ، مُکن تي مرڪون هجڻ، فطرت جي حسين منظر جا مختصر ڏيک ۽ شاعريءَ جا موضوع، محرڪ ۽ مظهر آهن.

جڏهن ته آرٽ فطرت جي لقائن کي لفظن، رنگن، سازن ۽ آوازن جي ميلاپ سان نروار ڪندو آهي، آرٽ ئي مڪمل فطرت جو مظهر آهي، آرٽ جي مختلف شاخن مان ادب جو شاعراڻو ڀاڱو نهايت ئي حسناڪُ آهي.

شاعريءَ جا به اڻ ڳڻيا ۽ من موهيندڙ روپ رنگ آهن، هر دور هر زماني جي شاعري پنهنجي دور جي نمائندگي ڪندي آهي.

انساني اندر ۾ پلجندڙ بي انتها احساسن، ڪيفيتن جي لفظي اظهار جو نالو شاعري آهي. جنهن جا ڪيترائي موضوع هوندا آهن. هر تخليقڪار جي ڏات، ڏانءَ، فن ۽ فڪر جي هوبهو تصوير سندس تخليق ئي هوندي آهي. يا ائين کڻي چئجي ته هر آرٽسٽ جي سڃاڻپ سندس تخليق ئي ڪرائي سگهندي آهي.

لفظ-ساز، آواز، ترنم ۽ آلاپ جي ميلاپ جو نالو ئي شاعري آهي، جيڪا انساني اندر جي اونهاهين ۾ پلجندڙ حساس، انساني جذبن جو بيباڪ اظهار هوندي آهي.

ڪتاب ”چنڊ جهڙا پرين“ ۾ وايون، گيت، پنجڪڙا، چئوسٽا، هائيڪا، دوها، سرائڪي ڪافي ۽ غزل ڏنا ويا آهن.

صابر سيدپوري شاعريءَ جي روايتي بندن کي اورنگي جدت جي کليل رستن ڏانهن وکون کڻندي محسوس ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ جديد شاعريءَ جا خوبصورت عڪس وک وک تي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا، اڄ جو شاعر پنهنجي انفرادي نواڻ جا گس ڳولي رهيو آهي. اهڙي جستجو جاکوڙ ۽ ولوڙ، صابر سيد پوري جي ڪتاب ۾ سموهيل سندس شاعريءَ سان نظر اچي ٿي، سندس غزل جون سٽون آهن ته:

عجب عاشقي آ، غضب عاشقي آ،

طبيعت جو بگڙن، سبب عاشقي آ.

عشق جي راهن تي خيالن جا گهوڙا ڊوڙائيندڙ، صابر سيدپوري جي شاعري پنهنجي دور ۽ زماني جي درد ڪٿا پيڙائن، پچار، اوسيئڙن ۽ الڪن جي وارتا، اندر جي اونهاهين ۾ پلجندڙ نازڪ، نفيس احساسن، امنگن، آدرشن جو آلاپ ۽ ورلاپ آهي. زندگي جا روپ ۽ ٻهروپ سندس شاعريءَ مان جهلڪندي محسوس ٿين ٿا، جنهن مان سندس مستقبل جو تصور به اُڀري چٽو ٿي سامهون اچي ٿو.

 

دوهو

اسان جي عمر جا سورج، اوهان بن ڪئن لٿا اُڀريا،

سدائين پل سُڳندن جا، اسان کان دور ٿي گذريا،

 

صابر سيد پوري سنڌي شاعريءَ  ۾ نئون نالو ناهي هي پراڻو نالو آهي پر بدقسمتي سان شاعريءَ ۾ شاعرن جو ناني ويڙهو ٺهڻ سبب کيس اهو مقام نه ملي سگهيو آهي.

ميهڙ جي ميندي، ميهڙ جي مڇي، ميهڙ جون مينهون، ميهڙ جا ماڻهو ۽ ميهڙ جو مائو مشهور رهيا آهن پر ميهڙ جا شاعر به اوترائي مشهور رهيا آهن، جن پنهنجي تخليقي وهنوار ۾ زندگيءَ جا ڪيترائي قيمتي پل، پهر ڏينهن، مهينا ۽ ورهيه سيڙايا آهن ۽ سنڌي شاعريءَ کي نئون روپ ڏنو آهي، جنهن جي ڪري شاعراڻي دنيا ۾ ميهڙ جا ڪيترائي شاعر پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان سڃاڻپ ڪرائي چڪا آهن، صابر سيد پوري پڻ انهن شاعرن مان آهي جن پنهنجو نور نچوئي شاعري کي جلا بخشي آهي.

سڀيتا پبليڪشن ميهڙ پاران پڌرو ڪيل هن ڪتاب کي مرڪ پبليڪشن ڪراچي ڇپايو آهي. ڪتاب جا  صفحا آهن،128، جڏهن ته ڪتاب جو ملهه آهي. 250 رپيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے