24 آچر , جون 2018

ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون: رکيل مورائي

سنڌيءَ ٻوليءَ جي مشهور چوڻي آهي ته ” جڏهن ڏند هئا ته مکڻ ڪونه هئو، جڏهن مکڻ آهي ته ڏند نه رهيا آهن ”  پهاڪي جي گهرائيءَ  ۾ نه وڃي، قناعت ڪري مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جڏهن قدرت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا شخصي توڻي ادبي طور هڪ کان وڌيڪ ڀيرا موقعا ڏنا ته، سفر نامي لکڻ جو موقعو ڪونه مليو، هاڻ جڏهن ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪتو آهيان ته سفر نامو لکڻ  جو شوق ٿيو آهي. ڳالهه کلڻ جهڙي آهي.

اهو سمجهندي  به ته مان سيلاني نه رهيو آهيان ان ڪري سفر نامو ڪڏهن به لکي نه سگهندس پوءِ به سفر نامو لکڻ لڳو آهيان، پڪ سمجهڻ گهرجي هي ڪجهه به لکيل سفر نامون  نه آهي. بس جيڪي هن  سفر جا احساس آهن اهي شايد  پني تي ترتيب سان اتاري سگهان.!

سفر ڇا آهي؟ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين به نه!

ٻئي طرف شايد هيءُ سفر احساساتي طور منهنجو ڊگهو سفر هجي! يا مون ائين محسوس ڪيو هُجي، ڪيئن به هيءُ جنهن سفر ڪرڻ جي منهنجي خواهش تڏهن کان هئي جڏهن کان ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو هوس ۽  منهنجا ٻارڙا آهستي آهستي وڏا ٿيڻ لڳا هئا ۽ جڏهن هاڻ سچ پچ وڏا ٿي ويا آهن. تڏهن کين سنڌ جي انهن تاريخي ماڳن مڪانن ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي، جن جو ذڪر هُنن اسان جي واتان وري وري ٻڌو آهي ۽  هلندڙ اڻ ڳڻين ٽي وي چئنلن تي وري وري ڏٺو آهي.

انهن ماڳن مان جيئن ته ڪراچيءَ کي سڀ کان ويجهو ڪينجهر آهي ان ڪري هو سالن کان ڪينجهر گهمائڻ لاءِ اظهار ڪندا رهيا. پر اسين پنڌ هلڻ  وارا شخص / ليکڪ اهڙو بندوبست ڪريون ته ڪيئن ڪريون ؟. ۽ خواهشون آهن، جيڪي پوريون به ٿيندي به جنم ته وٺن ئي ٿيون.

۽ هڪ ڏينهن اهڙو بندوبست منهنجي ننڍي ڀاءُ جهڙي دوست، جنهن جي وڏي ڀاءُ جوئي مان دوست آهيان، هڪ نيڪ ۽ وڻندڙ شخص ڪري ڏنو ۽ مون سان گڏ منهنجا سڀ ٻارڙا نه رڳو ڪينجهر ڏسي سگهيا پر هو مڪليءَ جو قبرستان به ڏسي سگهيا، جنهن قبرستان کي ايشيا جي هڪ وڏي قبرستان هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.

جنهن قبرستان ۾ست سئو ٻارهن عيسويءَ ۾ عربن کان هاريل سنڌ جو پهريون آزاد حڪمران ڄام نطام الدين سمون دفن ٿيل آهي ۽ جنهن قبرستان ۾اسان کي قتل ڪندڙ ۽ اسان جو زبانون ڪپيندڙ ڌارين حاڪمن سان گڏ، ارغونن جي ڪاهه کان سنڌ کي محفوظ رکڻ لاءِ آخري ساهه تائين وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سنڌ جو عظيم فرزند نواب دولهه درياخان پڻ دفن ٿيل آهي.

اهو سترهن نومبر ٻه هزار سترهن جو صبح هئو، جنهن جي سوير ئي  اسين ڪراچيءَ کان گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪينجهر لاءِ روانا ٿيا هئاسين، گاڏي جيڪا منهنجي مٿي ذڪر ڪيل دلبر دوست روشن ڪناسري عنايت ڪئي هئي.

اسان جو پهريون پڙاءُ  مڪلي هئو. جنهن جي نئين ٺهيل  ريسٽ هائوس جي اڱڻ تي نمن جي ڇانو ۾ اچي گاڏي بيٺي هئي.

جيتوڻيڪ مڪلي ڏهاڪو سال اڳ به مهاڙيءَ کان ڏٺل هئي ۽  ڪجهه سال اڳ حڪومت سنڌ جي ثقافت واري کاتي پاران سيد حسام الدين راشديءَ جي سئو سال ڄمڻ جو جشن  ملهائڻ لاءِ سنڌ جي عالمن اديبن ۽ شاعرن سان گڏجي به آيو هوس، پر سچ پچ اڄوڪي مڪليءَ جي صورت ڪجهه مٽيل هئي.

لاجواب ريسٽ هائوس ڀرسان ٿر جي چئونرن جو ماڊل حد نگاهه  تائين پٿرائن رستن جي ٻنهي پاسن سان رستن جا اڇين سرن سان نشان، پاسن کان ممڪن حد تائين صفائي سُٺائي، الڳ الڳ هنڌن تي سنڌ سرڪار جي  قديم آثارن جا ڪر مچاري (ملازم) مخصوص ٽوپيءَ ۽ موٽر سائيڪلن سان قربستان جي سنڀال لاءِ موجود ڏسي ، مون کي پنهنجي دوست منظور احمد ڪناسري جي موجودگي شدت سان محسوس ٿي، ساڳئي وقت نظر به آئي جيڪو ٻه سال کن اڳ قديم آثارن کي بچائڻ واري کاتي جو سربراهه بڻيو آهي. انتظامي طور ان ڊائريڪٽر جنرل ڪوٺيو ويندو آهي.

هن وقت ئي اتي مدفون ڄام نظام الدين سمي عرف چامنندي ۽ دولهه دريا خان جا مقبرا ڏسڻ ۽ مٿن دعا گهرڻ جي خواهش اڄ پوري ٿي هئي، جڏهن گاڏي ريسٽ هائوس ڇڏي ڄام نندي جي  بيمثال نموني جڙيل مقبري جي سامهون اچي بيٺي هئي، مقبرو ڇا هئو؟ اکرن ۾ اظهارڻ گهڻو  ڏکيو آهي. هو فن جو هڪ اعليٰ نمونو آهي.

جيتوڻيڪ تعميراتي فن کان مان بنهه اڻڄاڻ شخص آهيان پوءِ به ڏندين آڱريون ڏيئي، پٿر جي سرن تي ٿيل اُڪر جو ڪم ڏسندو هيس منهنجي آس پاس حيرانيءَ جو عالم هئو، جو ڄاڻ  ڏيندڙ بڌايو ته ” هيءُ پٿر راجسٿان مان گهرايو ويو هئو.“ پٿر ڪٿان جو به هجي پر سنڌ جي هنر  جو ته ڪمال هئو، جنهن مان اکيون ڍاپيون ئي نه ٿي، ڄاڻ  ڏيندڙ اها ڄاڻ  به ڏني ته ”هن پٿر جي اُڪر ۾ ساڍا ٽي سئو نمونا استعمال ٿيل آهن.“

قبرستان جو لڳ ڀڳ هي آخري حصو ئي آهي، جنهن جي پٺيان ڪابه ٻي عمارت يا قبر نه هئي، جو لڪير کان هيٺاهئينءَ تي هڪ بنهه سادڙو ڳوٺ  هئو، جنهن  جي پيچري تان اها ئي ڏاند گاڏي وڃي رهي هئي، جيڪا پنج هزار سال  اڳ موهن جي دڙي واري شاندار شهر جي گهٽين مان، ناسي سڱن  وارن متارن  ڏاندن سان جُٽيل هئي، جنهن کي منهنجا ٻارڙا حيرت ۽خوشيءَ مان ڏسي رهيا هئا،ڇاڪاڻ اصلي ڏاند گاڏي ڏاندن سميت انهن پهريون ڀيرو ڏٺي هئي، ائين لڳو ڄڻ ته سنڌ پنهنجي تاريخي سفر مان اتي ئي بيٺل هئي، جتان ان پنهنجي تهذيبي سفر جي شروعات ڪئي هئي.

ڄام نندي جي مقبري جي اڳياڙي واري حصي جي ڪُنڊ سان لڳو لڳ ڄام تماچيءَ  جي قبر هڪ خوبصورت چبوتري جي هيٺان جڙيل هئي ائين جيئن ڄام نندي  جي ڇانون ۾ ساهه کڻندي هجي، جيتوڻيڪ ڪينجهر کي سموري رومانوي سڃاڻپ ڄام تماچي نوريءَ جي رومانوي داستان  جي ڪري ئي مليل آهي. پوءِ به نوريءَ  جو ڪينجهر جي وچ ۾ دفن ٿيڻ ۽ تماچيءَ جو مڪليءَ ۾ دفن ٿيڻ وارو فلسفو سمجهڻ کان شايد ڏکيو آهي. ممڪن آهي ته نوريءَ کي پنهنجن مٽن مرڻ کانپوءِ پنهنجي اصلي ماڳ يعني ڪينجهر ۾ دفڻ ٿيڻ لاءِ زور ڀريو هجي، تڏهن ته ڄام تماچيءَ کي به ساڻس گڏ دفن ٿيڻ گهرجي ها.!

ائين به ڪري شايد هن ان وقت جي حاڪمن جي قبرستان ۾ دفن ٿي مرڻ کان پوءِ به  حاڪماڻي انداز سان رهڻ ٿي چاهيو، ڪيئن به نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ  جي  وچ ۾ مرڻ کان پوءِ جي وٿي ٻنهي طبقن جي نشاندهي ڪري رهي آهي.

هجڻ ته ائين گهرجي ها ته ائين ڄام تماچي  پنهنجي مقبري کان به سٺو  مقبرو نوريءَ جي  لاءِ اڏائي ها.! پرشايد اها (نوري) سندس طبقي مان نه هئي، ٻئي طرف اهڙو مثال اڄ  به ننڍي کنڊ ۾ رومانس جي علامت بڻيل تاجمحل جي صورت ۾ آگري ۾ موجود آهي.

ڪجهه ئي وکن جي پنڌ تي سنڌ جي بهادر  پٽ  دولهه دريا خان جي قبر آهي قبر ڇا آهي؟ چئه ديواريءَ جي اندر هڪ بهادر جيان پنهنجو گاٽ اوچو ڪيون بيٺي آهي. اهو ئي بي مثال اڪر جو ڪم اُهي  ئي راجسٿان جون  پٿر جون سرون ۽ سندس خاندان جي قبرن کي ڏنل چئه ديواريءَ کي  لڳل لا جواب ٺهيل ڪاٺ  جو دروازو، جنهن آڏو بيهي ڪوبه شخص فوٽو ڪڍرائڻ کان پاڻ پلي نه سگهي، هيءُ  دروازو نئون ٺهرائي لڳرايو ويو آهي، پر بيهڪ مان پراڻي دور جو لگندڙ آهي، شايد ڄام نندي جي مقبري کي به لڳل دروازو نئون ٺهرايو ويو آهي.

ڪئين به اسان کي نه سيد علي شيرازيءَ جي حاضري ڀرڻي  ۽ نه ئي عبدالله شاهه اصحابيءَ  جي خدمت ۾حاضر ٿيڻو هئو، کين دل ۾ ئي دعائون گهري سلام ڪيوسين، ان احساس هيٺ ته مڪليءَ  ۾ آياسين ته ڄڻ سندن ڇانون ۾ آياسين.

ڄاڻ ڏيندڙ ٻڌايو ته  ”هتان ئي هيٺ لهي ساڄي پاسي کان هڪ رستو ٺٽي ڏانهن ويندو آهي“ جنهن ڪري پوئتي موٽڻ  جو سبب ڪونه هئو، هيءُ رستو اسان جي گاڏي هلائيندڙ ميان عبدالخالق کي ڏٺل هئو ۽ هو گاڏيءَ کي هيٺ لاهي آيو.

پٺيان رهجي ويو هو مڪليءَ جو خاموش قبرستان جنهن کي  مان هوند قبرستان جي بجاءِ اڳتي هڪ کليل ميوزيم ڪوٺيان، جنهن جي هر  شيءِ  محفوظ ڪرڻ جهڙي آهي، جن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان جو دوست  منظور احمد ڪناسرو، تڏهن کان تيز ڪوششون ڪري رهيو آهي،جڏهن کان هو هن اداري جو سربراهه ٿي آيو آهي.

هن ميوزم کي محفوظ ڪرڻ واري ڪم ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن به آئي آهي، جڏهن کان مسلسل ايندڙ حڪمرانن هن ميوزيم ڏانهن  جوڳو ڌيان نه ڏيئي، ان کي ڀُرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ اهڙي حالت ڏسندي يونيسڪو هن ماڳ کي پنهنجي لسٽ مان خارج ڪرڻ جي پڌرائي ڪئي.

اسان جي حڪمرانن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هن عظيم ميوزيم جو ڀُرڻ اسان جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت سان گڏ زندهه رهندڙ قومن جي ضمير جو ڀُرڻ به  آهي. ڇاڪاڻ ته قومون پنهنجي دفن ٿيل تهذيب  ۽ زندهه رهيل ضمير سان سڃاتيون وينديون آهن، جيڪڏهن هيءُ ميوزيم ۽ موهن جو دڙو يا رني ڪوٽ وغيره بچي ويو ته اسان جي قومي ضمير زندهه هجڻ  علامت هوندو، ٻيءَ طرح  ڪيئي قومون هن ڌرتيءَ تان پنهنجي تابتاڪ / روشن ماضي رکڻ  باوجود وقت جي اونداهه ۾ گم ٿي و يون، تاريخ ۾  اهڙا ڪيترائي  مثال  آهن.

خود هن ميوزيم ۾ مدفون اهي مقبرا اهڙي شاهدي ڏين ٿا جن ۾عيسيٰ  ترخان جهڙا شخص دفن آهن، جن جي مقبرن تي ڏهاڙي ڪيترائي اٻوجهه سنڌي اچي دعائون  گهرندا آهن ته  ! توهان اسان جا ٻار ڪٺا، اسان جون زبانون ڪپيون، اسان جون عورتون اغوا ڪيون، اسان جا گهر ساڙي خاڪ ڪيا، اوهان تي الله  سائينءَ  جون رحمتون هجن.

بهرحال تاريخ جا پنهنجا الميا آهن ۽ قومن جا پنهنجا نصيب!

ڪيئن به هجي مڪليءَ جي هن ميوزيم کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ، هڪ ته چڱي موچاري وقت جي گهرج آهي، جنهن وقت ۾ سڀ کان پهرئين  سنڌ جي محب وطن تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب ” مڪلي نامو“ آهي جيڪو ضرور پڙهن گهرجي، ان کانسواءِ مڪلي لفظ قبرن کي ڏسڻ جو ۽ عبرت حاصل ڪرڻ جو سبب ته آهي.سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ  جو سبب نه!.

مڪلي نامي پڙهڻ کانپوءِ  نه رڳو مڪليءَ جي ميوزيم جي تاريخي ڄاڻ پوي ٿي پر ساڳئي وقت ان ڪتاب ئي ٿيل محنت جو اندازو به ٿيندو آهي ته اهو ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ ۽ ان تي حاشيا لکڻ لاءِ سنڌ جي هن حلالي پٽ کي ڪيتري جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي.

ان جاڳوڙ ۽ مڪليءَ جي ميوزيم جي اهميت ئي هئي، جنهن سبب سندس دل ۾ هن هنڌ تي دفن ٿيڻ جي خواهش جاڳي هوندي.

هيءَ هن ميوزيم جي اهيمت ئي هئي، جنهن جرمن ڄائي ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ اسڪالر مادام اينيميري شمل کي پڻ هت دفن ٿيڻ تي آماده ڪيو هئو، ۽ هوءَ پنهنجي ان دوست سان جيئري گڏ هوندي مئي پڄاڻا به هن سان  گڏ دفن ٿيڻ جي وصيعت ڪري وئي هئي. آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين ناصر مورائي ۽ ٻيا ڪيترائي  عالم اديب ۽ شاعر مڪلي تي  دفن آهن.

حيرت آهي ته جنهن خاتون جي نالي سان هيءُ قبرستان عالم ۾ مشهور آهي، ان جي قبر شاهي نموني سان جڙيل  نه آهي، اها عام قبر هالن جي ڪاشيءَ جي سرن سان ٺهيل قبر، هڪ تاريخ سانڍيندڙ آهي.

جيتوڻيڪ هن قبرستان سان ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون پڻ جڙيل آهن، شاهه سائين جي حوالي ۾ به ڪي ڏند ڪٿائون آهن ته ڪي ڏند ڪٿائون مختلف مذهبن جي حوالي سان آهن، جن جي حدن کان ٻاهر  مڪلي، سنڌ جي هڪ تاريخ سانڍي ٿي، جنهن جي تحقيق ٿيڻ گهرجي.

پڪ سان مڪليءَ تي جيتري تحقيق  ٿيندي سنڌ جي تاريخ اوتري وڌيڪ چٽي ٿيندي، ان کان اڳ ۾ هن عظيم ميوزيم جو تحفظ اهم آهي. جنهن تي حڪومت کي اهم ڌيان ڌيڻ گهرجي.

ڪئين به اسان مڪليءَ جو پُٺيون پاسو ڏيئي ٺٽي شهر مان اچي نيشنل هاءِ وي تي چڙهياسين، اسان جي گاڏي ڪينجهر طرف سفر ڪري رهي هئي، سج پنهنجو سفر اولهه واري پاسي شروع ڪري چڪو هئو. مجهند جي ماني اسان ٺٽي ۾کائڻ چاهي پر، ٻارن کي ڪينهجر تي پهچڻ جو شوق، ائين اسان اڍائي وڳي ڌاري  ڪينجهر جي دائري ۾ پهتاسين. اسان جي اکين اڳيان ڪينجهر پنهنجي سموري سونهن، ساڀيان ۽ رومانس سان موجود هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے