17 بدھ , جنوری 2018

ٻه مٺڙا ماڻهو!:مٺل جسڪاڻي

هونئن ته م سان هڪ ئي مٺو نالو محمد صه آهي ۽ ان نالي جي احترام ۾ نالي مٺا ۽ مٺڙا ماڻهو، ڀلي ته ڪيترا به ڇو نه هجن، پر آئون جن ٻن نالي وارن مٺڙن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ چاهيان پيو، اهي آهن سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي ۽ محبتي ماڻهو محمود مغل.

سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي ۽ محمود مغل، ٻئي انهن نالي وارين شخصيتن ۾ شامل آهن، جيڪي گهڻ رخيون، گهڻ پاسائيون، املهه شخصيتون مڃيل آهن. سندن زندگيءَ جا انيڪ پهلو آهن. سندن حوالي سان ڳالهائڻ يا لکڻ ايترو آسان نه آهي، جو جنهن کي به وڻي، جنهن وقت به چاهي، قلم ۽ ڪاڳر کڻي، لکڻ ويهي ته لکي وٺي، ڳالهائڻ چاهي ته ڳالهائي ڇڏي.

آئون اڃا ننڍو ئي هئس، اسڪول ۾ پڙهندو هئس، ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي، ڪا اخبار، ڪو رسالو نه ايندو هو، صرف ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ٻڌي سگهبو هو، مون تڏهن سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جي شاعري، مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ٻڌي. ان ئي عمر ۾، هڪ دفعي، ٽنڊو الهه يار مان، بس ۾، ٽنڊوڄام ويندي، مون سان گڏ، مون کان وڏي، منهنجي هڪ دوست مائٽ، اوچتو ٺونٺ به هنئين ۽ هٿ جو اشارو ڪري، دري مان نظر ايندڙ، حجم جي دڪان ۾ ويٺل، فنڪار قاسم اوٺو ڏيکاريندي ٻُڌايو، سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جا ڪلام ڳائڻ وارو فنڪار قاسم اوٺو اهو اٿيئي. ۽ پوءِ، آئون جڏهن به اتان گذرندو هئس، ته سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي کي به پنهنجي اکين سان ڏسڻ جي آس ۾، هر دفعي ان دڪان ۾ ڏسندو هئس!

منهنجو اهو عمل، سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جي شاعري وڻندڙ ۽ سٺي هجڻ جي شاهدي ڏي ٿو. ان جو ڪارڻ صرف آئون اڪيلو نه، ڳوٺ ۾ پنهنجي مائٽن جي واتان، سائين ڏاڏاهي صاحب جو ڪلام ٻُڌي، انهن جي واتان واهه واهه ٻُڌڻ به هڪ سبب هو، سبب آهي.

سائين ڏاڏاهي صاحب جي شاعري ايترن فنڪارن، ايترا گهڻا دفعا ڳائي آهي، جنهن جو خود ڏاڏاهي صاحب کي به اندازو نه هوندو. ۽ جيڪڏهن ڏاڏاهي صاحب جي ڇپيل شاعري جي ڳالهه ڪجي، ته اها به ڪهڙي اخبار يا ڪهڙي رسالي ۾ شايع نه ٿي هوندي؟ سندس شاعري جا مجموعا، سندس شاعراڻي سگهه جا شاهد آهن، ته سندس نثري لکڻيون، جيڪي وقت به وقت اخبارن ۾ به ڇپبيون رهيون ته سندس نثر تي مشتمل ڪتاب ۾ به موجود آهن، اهي وري سائين کي سٺو نثر نويس طور متعارف ڪرائين ٿيون. نه صرف ايترو، پر نظم ۾ توڙي نثر ۾ مزاح لکڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، ان ڪري ئي مزاحيه شاعر ۽ مزاح نويس پڻ بلڪل به ٿورا آهن. انهن ٿورن ۾ هڪ بهترين مزاح نگار سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي به آهي.

 

مون کي جيستائين ياد پيو پوي ته مون سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”زهر او زم زم“ پنهنجي کيسي خرچي مان خريد ڪيو هو. ان کان پوءِ ”سهڻا سرها گُل“، ”تون پارس آئون لوهه“، ”مان ذرو تون ماهتاب“، ”نه هِن پاسي نه هُن پاسي“ ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن. سندس مزاحيه ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”ڏاڏاهيءَ جا ڏوهه“ به ڇپجي چڪو آهي.

مٺڙي، محبتي ماڻهو محمود مغل جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن؟ مون کيس شايد پهريون دفعو پاڪستان ٽيليويزن، ڪراچي سينتر جي پروگرام پرک ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، ۽ پوءِ ٽي وي، ريڊيو، اخبارون، رسالا، ڪتاب، سُڌ ٻُڌ جي سڀني ذريعن ۾، محمود مغل کي ڪٿي ڏسڻ، ڪٿي ٻُڌڻ، ته ڪٿي پڙهڻ جو موقعو ملندو رهيو.

محمود مغل، بظاهر هڪ ماڻهو، عمل ۾ بهترين استاد، بهترين منتظم، بهترين سهوليتڪار، بهترين ڪمپيئر، بهترين ڪالم نويس، بهترين ڊرامه ليکڪ، بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار، گهر جو بهترين ڀاتي، يارن دوستن جو بهترين يار دوست، ملنسار، ڪو هڪ پاسو هجي ته ڳڻائجي. سندس شخصيت جا گهڻا پهلو آهن. سندس ست اٺ ڪتاب، جهڙوڪ ”هٿ ريکائن کان خالي“، ”اسين جيئرا آهيون“، ”ٻه ناوليٽ“، هڪ ڪهاڻين جو مجموعو، طويل ڪهاڻي ”زيب النساءِ“، ”سنڌ ٽاڪيز“ ۽ هڪ ترجمو ڪيل ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

بهانا ۽ وسيلا ٿي پيا ته هنن ٻنهي نالي وارن مٺڙن ماڻهن سان روبرو ملاقاتون، روح رچنديون به شروع ٿي ويون. اهو سندن ئي سڀاءُ آهي، جنهن ڪري ساڻن ملندي ڪجهه ڏينهن گذرندا آهن، ته ملڻ جي سڪ پيدا ٿيندي آهي، ملڻ ۾ دير ٿيندي آهي، ته سڪ ۽ ڇڪ ۾ شدت وڌي ويندي آهي.

سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي ۽ محبتي ماڻهو محمود مغل، اهي نالي وارا، ناميارا ٻه مٺڙا ماڻهو آهن، جن کي آئون هڪ نه، لکين ماڻهو سڃاڻن، اهي سڀ سندن لکڻين، سندن گفتار جا به عاشق آهن. مون سان ڪير اختلاف ڪري ته، بيشڪ ڪري سگهي ٿو، پر آئون ان خيال جو آهيان، ته آئون جيڪڏهن وس ۾ هجان، ته سنڌي، سماجيات ۽ ماس ڪميونيڪيشن جهڙن مضمونن ۾، گريجوئيشن  ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ محققن کي، هنن ٻنهي مانوارن، پيارن جي پٺيان لڳائي ڇڏيان، ته هو هنن سان ملن، هنن سان ڪچهريون ڪن، هنن کان به ۽ هنن جي واسطي ۽ رابطي وارن کان به، هنن بابت معلومات گڏ ڪن ۽ هنن جي شخصيتن تي، سندن تعليمي سند لاءِ گهربل تحقيقي مقالا لکن. اهي مقالا صرف سند حاصل ڪرڻ جي حد تائين، فائيلن جي نظر نه ٿيڻ گهرجن، انهن کي شايع ڪرائي، ماڻهن جي مطالعي لاءِ عام ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اسان جو موجوده ۽ اسان جا ايندڙ نوان نسل، هنن معشوق ماڻهن جي ڪردار ۽ عمل کان واقف ٿي، سندن لاءِ ڪو بهتر لائحه عمل جوڙي سگهن.

س ا س شاخ ٽنڊو الهه يار سٿ کي جس هجي، جن ٻن محبتي ماڻهن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ، آچر 26 نومبر 2017ع تي گڏيل سالگرهه تقريب جو احتمام ڪيو. اتفاقي طور حالات ناسازگار هجڻ باوجود جيڪي پيارا پري پري کان پيار جي اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا آهن، انهن کي پڻ شاباسون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے