20 خميس , سيپٽمبر 2018

مارئيءَ جي ڪردار جي عظمت!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

اوساڪا (جاپان) جي خوبصورت ترين علائقي اُميدا ۾ تعمير ڪيل ’ٽُون ٽاور‘ جي چاليهين ماڙي تي سمنڊ جي سطح کان 173- ميٽر مٿي پهچندي ايسڪيليٽر کان ٻاهر مس نڪتاسين ته سامهون رسيپشن هئو؛ جتي اسانکي في ماڻهو 700 يِن جي حساب سان ٻه ٽڪيٽون وٺڻيون هيون. دراصل جيڪو به سياح هڪ بلڊنگ جي پنجٽيهين ماڙي تان ايسڪيليٽر وسيلي ٻين بلڊنگ جي چاليهين ماڙي تي ويندو  ته پوءِ ان کي اُها ٽڪيٽ وٺڻي ئي پوندي؛ جو اتان واپس موٽڻ لاءِ ڪنهن به ايسڪيليٽر يا لفٽ وغيره جو ڪو بندوبست ئي ناهي! ٽڪيٽ وٺي اڳيان وڌبو ته ‘Floating Garden Observatory’ ۾ پهچي سگهبو ۽ پوءِ ئي ڪٿان واپس هيٺ لهي به سگهبو!

اسين ٽڪيٽ وٺي ڀر واري گيٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ٽاور جي رائونڊ ٽيرس تي هئاسين. ان اوچائيءَ تان اوساڪا شهر جو وسيع ترين نظارو پئي نظر آيو. پوءِ ته جيڏانهن نهار تيڏانهن سڄڻ سامهون! ايڏا ته خوبصورت نظارا هئا،  جو وقت هجي ته جيڪر اُتي ويهي پيو لطف ماڻجي؛ پر هنن همراهن اتي ڪرسيون ئي ڪونه رکيون هيون ته ٻلديو پارا ويهجي ئي ويندا! هوُ ته پاڻ چاهين پيا ته ڀيڙ سبب ماڻهو اڳيان وڌندا رهن ته جيئن پٺيان وزيٽرس به اچي سگهن.

اُتر طرف سمنڊ جي کاڙي، جنهن کي ‘Yudo River’ ڪري سڏيندا آهن، سينري بانپاڪوُ پارڪ، جاپان ريلوي لائين ۽ دور کان نظر ايندڙ ‘Tennou’  جا اوچا اوچا پهاڙ!

اوڀر  طرف عاليشان بلند عمارتن جو جهرمٽ؛ هڪ هڪ بلڊنگ جي ڇا ڊزائن، ڇا ايليويشن، ڇا آرڪيٽيڪچر؛ هوٽل هانڪيوُ انٽرنيشنل، اوساڪا، ’امينٽي پارڪ‘ (OAP Pier) ۽ ڪافي پرڀرو ’اوساڪا ڪيسل‘!

ڏکڻ طرف سمنڊ جي کاڙي ۽ ان جي ٻنهي ڪنارن تي انيڪ عمارتون ’ورلڊ ٽريڊ سينٽر-ڪاسمو ٽاور‘ ٿورو اڳيان کان ’يونيورسل فلم اسٽوڊيوز‘ جو وڏو شاهي ڪامپليڪس، جاپان ريلوي طرفان ٺاهيل ’هنشيوُ ايڪسپريس-وي اڪيدا روٽ‘، جتان اُميدا کان ڪوبي شهر طرف ريلوي جون گاڏيون وڃي رهيون هيون.

اڳيان وڌندي اولهه طرف آياسين ته اوڏانهن پڻ بيحد دلفريب عمارتون سونهن ۽ خوبصورتيءَ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻي رهيون هيون؛ ’ هوٽل هلٽن اوساڪا‘، ڪنسئي اليڪٽرڪ پاور بلڊنگ‘، ’اوساڪا پرفيڪچوئر انٽرنيشنل ڪانفرنس هال‘ هڪ خوبصورت جهرمٽ هئو، جيڪو اوساڪا جي چمڪ ڌمڪ ۽ جاپانين جي محنت ۽ عظمت جو ثبوت ڏيئي رهيو هئو.

ان ٽيرس واري گول گهيري کي ‘ Lumi Sky Walk’ پئي سڏيو ويو. اُتي اُتر طرف هڪ ماڙو هيٺ هڪ کليل شادي هال هئو، جتي ٻه محبت ڪندڙ دليون آسمان جي اوچائيءَ تي هڪٻئي کي پنهنجو ڪنديون آهن. ’اسڪاءِ واڪ بلدنگ‘ جي روف ٽاپ ٽيرس کان هڪ ماڙو هيٺ اچ ته هڪ وڏو شاهي هال هئو؛ جتي پڻ هر طرف کان وڏا وڏا ڪانچ لڳايل هئا. اتان به ساڳيا ئي مٿيان نظارا ڏسي سگهجن پيا ۽ اُتي ته ويهڻ لاءِ ڪرسيون به رکيل هيون؛ پر بند ڪمري سبب اُتي لطف ٿورو گهٽ هئو. باقي جيڪڏهن ڪير آرام چاهي ته Relax ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه ريسٽارنٽ به هئا. ان چاليهين ماڙي کي  ‘Comfort Floor’ پئي چيو ويو؛  جڏهن ته ’فوف ٽاپ‘ دراصل چاليهين ماڙي جي به ڇت تي واقع هئو.

ماميا ۽ مون کي ڪجهه ٻيون جايون به ڏسڻيون هيون، ان لاءِ اسين هيٺ لهي اوڀر طرف هڪ وڏو سب-وي ڪراس ڪري ٻاهر نڪتاسين ته ’جاپان ريلوي‘ جي ’اوساڪا‘ اسٽيشن تي هئاسين. لابيءَ ۾ ڪيتريون ئي مشينون لڳايل هيون. مون هڪ مشين ۾ ٻه سؤُ ين وجهي ضرورت موجب 160- ين لاءِ بٽڻ دٻايو ته هيٺان هڪ پاسي کان ٽيڪيٽ ۽ ٻئين پاسي بچيل 40 ين نڪري آيا.

اسين ٽيڪٽ پنچ ڪري اسيڪيليٽر تي چڙهي مٿي پليٽ فارم تي آياسين. ٿوري ئي دير ۾ ‘Osaka-Kyobashi’ ٽرين آئي ته اتي لهندڙ مسافرن جو تعداد وڌيڪ هئو؛ پر ٽرين ۾ چڙهياسين ته اندر ڏاڍا گهٽ مسافر موجود هئا. ان لاءِ اسين به وڃي صوفا تي ويهي رهياسين. ’ جاپان ريلوي‘ جي اها ٽرين ’هانڪيو ريلوي‘ کان ڪجهه وڌيڪ سهڻي هئي. پنج ڇهه اسٽيشنس تي اها ٽرين بيهندي جڏهن ‘Osaka JO koen’ تي پهتي ته اسين لهي پياسين  ۽ ٽڪيٽ مشين ۾ وجهي ٻاهر نڪري آياسين.

‘Osaka Jo Koen’ اسٽيشن تي اوڀر طرف ٻاهر نڪتاسين ته اسٽيشن  وٽان ئي ممبئيءَ جي ايشئيٽڪ لائبريريءَ جيان ڪافي ڏاڪڻيون هيٺ لهڻو پيو. اُتي هيٺ آياسين ته ’اوساڪا ڪيسل پارڪ‘ ۾ ئي هئاسين.  ماميا  مون کي ڪيسل کان اڳ ڪروز جو سير ڪرائڻ لاءِ هڪ ننڍي گهٽيءَ ۾ وٺي آيو؛ جتي ٿورو ئي اڳيان وڌڻ سان سمنڊ جي کاڙيءَ جو ڪنارو هئو. ٽڪيٽ گهر ٽائيپ ٺاهيل  هڪ عمارت جو دروازو کولي اندر ٿياسين ته اُتي ريسٽارنٽ نما ڪرسيون لڳايل هيون. اسين رسيپشن تان 1700  ين جون ٻه ٽڪيٽون ورتيون .

1:00 بجي واري ڪروز ۾ ڪجهه ئي منٽ پيا هئا؛ ته اهو ٻه منٽ اڳ ئي تيز رفتاريءَ سان پاڻيءَ مٿان ڊوڙندو اچي ڪناري سان لڳو. مسافر لهي هيٺ ٿيا ته پوءِ ئي اسان کي اندر ڪيو ويو. اسان ٽڪيٽ تي لڳايل سيٽ نمبر جي حساب سان وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺاسين.

’اوساڪا اڪوُنا بس ڪمپني لميٽيڊ‘ جي ڪروز ۾ ٻه سئو مسافرن جي ويهڻ جي جاءِ هئي. اسان جو سفر پوري 1:00 بجي شروع به ٿي ويو. ’اوساڪا ڪيسل‘ واري هال کان هلندو ’هانچي ڪون ياهاما‘، ’يوڊو باشي پيئر‘ تي ڪجهه مسافر لاهيندو چاڙهيندو ’سينٽرل پبلڪ هال‘ وٽان واپس يو-ٽرن ڪندي  منامي موري ماچي واري طرف کان ‘Osaka Amenity Park’ (OAP) ٻاهران ڏيکاريائين. ان اسٽاپ تي به چڱي ئي ماڻهو ڪجهه لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا؛ پوءِ ته اچي 2:00 ٿيڻ ۾ ٻه منٽ هئا جو سڌو ئي ‘Osaka Jo Pier’ تي اچي واپس ديرو ڪيائين. سفر پورو ٿيڻ مهل ڪروز جو ڪيپٽن ۽ اسٽاف تمام مسافرن کي دعائون ڏيندي موڪلائي رهيو هئو.

اسين ڏه منٽ پنڌ ڪندي ڪيسل طرف اڳيان وڌياسين، ته پهرين هڪ وشال چوڪ، مارڪيٽ ۽ ڪجهه بلند عمارتن وٽ هئاسين. پوءِ ٿورو ئي اڳيان هلياسين ته ڪيسل تي پهچي  هئاسين.

ڪيسل جي بچاءَ لاءِ چوڌاري هڪ چڱي ويڪري کاهي ۽ ٻه هٿرادو ڍنڍون ٺاهيل هيون ته جيئن دشمن جي ڪاه کان تحفظ ٿي سگهي. تقريبن پنجاه فوٽ اها هڪ هڪ ڍنڍ اڳئين دور ۾ انهن بادشاهن جو بچاءُ ڪندي هئي ۽ اهڙي ضرورت مهل انهن ڍنڍن مٿان ٺاهيل پل ئي مٿي کڄي ويندي هئي ۽ ڪيسل ٻاهرين دنيا کان بلڪل ئي ڪٽجي ويندي هئي.

ائين پهرين هڪ ڍنڍ؛ ديوار ۽ پوءِ ٻين ڍنڍ ڪراس ڪري اڳيان وڌياسين ته هڪ پهاڙيءَ وٽ ٺاهيل ڪيسل جي دروازي وٽ هئاسين. تقيربن چار سئو سال اڳ واري ان شاهي دروازي کي ويهين صديءَ ۾ ٿيل جنگين مهل ڪجهه باهين جو شڪار ٿيڻ سان نقصان پهتو هئو؛ پر پوءِ انهن جاپانين ان جا فوٽو ڏسي بلڪل اصل دروازي جيان مرامت ڪرائي ڇڏي؛ جو اڄ به ان جي قديم شان و شوڪت محفوظ هئي.

دروازي اندر به هڪ وڏو شاهي باغ هئو؛ جتي ڪابه نئين اڏاوت ڪرڻ جي منع ڪيل آهي ته جيئن ان جي قدامت ۽ انفراديت برقرار رهي! اسين ٿلهين ديوارين جي وچ ۾ ٺاهيل رستن تي مٿي چڙهندا ڪيسل جي مين گيٽ وٽ پهتاسين. اندر وڃڻ لاءِ في ماڻهو  600 ين ٽڪيٽ رکيل هئي.ڪيسل اندر تمام سياحن کي هڪ لفٽ ۾ چاڙهيندي سڌوئي پنجين ماڙي تي آندو ويو.

1598-1537ع دوران هائڊيوشي ٽويوٽومي، اوساڪا ڪيسل کي تعمير ڪرائيندي هڪ اهم شخصيت هئو؛ جو پنهنجي دور ۾ تمام مخالفتين ۽ جنگ ڪندڙ دشمنن مٿان پنهنجو دٻدٻو رکندڙ هئو. جيتوڻيڪ هوُ هڪ غريب ڪڙميءَ جي گهر ڄائو هئو، پر هُن محنت ڪندي آهسته آهسته هڪ مقام حاصل ڪيو ۽ آخر پوري بادشاهت جو ڇٽ ماڻيائين.

جيتوڻيڪ تاريخ جي روشني ۾ ڏسبو ته هائڊيوشي ڪو هروڀرو عوام جو خيرخواه به ڪونه هئو؛ ڇو ته هن ڳريون ڍلون وٺڻ شروع ڪيو هيون ۽ ان سبب ئي ڪوريا پيننسيولا کي مٿانئس حملو ڪرڻ ۾ سهوليت ٿي. پوءِ به هائڊيوشي ٽويو ٽوميءَ جي رومانوي مزاج باعث سندس وفات کانپوءِ کيس هڪ بهادر ۽ کلمک بادشاھ ڪري ياد ڪيو ويندو آهي.

اوساڪا ڪيسل جي پنجين ماري تي ڪيتري ئي  ‘Miniatures’۽ اسڪرين 3-D TV تي هائوڊيوشي بادشاهت جي پوري تاريخ ڏيکاري وڃي ٿي ۽ اتي ئي ان دور جو ڪجهه ڪاسٽيوم ۽ هٿيار  پنوهار پڻ رکيل آهن. ان بعد ستين ماڙي تي وري ان ئي وابسته دور جا عاليشان برتن ۽گهرو ساز و سامان رکيل آهي. ڪيسل جي اٺين ماڙي تي ڪجهه سووينر جا دوڪان آهن ۽ چئن ئي طرفن کان اڏايل بالڪنيءَ کان ٻاهرين پوري پسگردائيءَ جو خوبصورت نظارو ڏسي سگهجي ٿو. ’اوساڪا جو ڪوئن‘ جاپاني ٻوليءَ جا لفظ آهن، جنهن جو مطلب آهي ’اوساڪا ڪيسل پارڪ.‘

سومر، 30 آگسٽ 2010ع تي صبح جو تيار ٿي يونيورسٽي گيسٽ هائوس جي لائبريريءَ مان ڪجهه نيوز پيپر پڙهي 10:00 بجي لاءِ ٽائيم کان اڳ ڪلاس ۾ پهتس ته ماميا صاحب ۽ ست ئي شاگرد آيل ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي.

اڄ ماميا، ڪلاس روم ۾ اسڪرين تي نيٽ ذريعي تمام شاگردن کي سنڌيءَ ۾ ’سنڌ نيوز‘ هلائي ڏيکاريون. سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ ڏاڍي خراب حالت هئي. ڳوٺ ته ڇڏيو پر شهرن کي به ٻوڏ جو خطرو هئو. ان مهل چيو پئي ويو، ته ٺٽو شهر به پاڻيءَ هيٺ اچي سگهي ٿو. اهڙيون ڪجهه ڪلپنگ پئي ڏيکاريون ويون ته ڪيترا ماڻهو گهر ڇڏي ٻاهر مٿانهينءَ وارن روڊن تي اچي ويٺا هئا. ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌ جو ڪو واهي وسيلو ئي ڪونه هجي. ڀلا جڏهن سنڌونديءَ تي گهاري پيل ڊيم وٽ اٻوجهه ۽ معصوم عام شهري صرف پنج سنڌي ماڻهو هڪ رسو کڻي ڇپن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا هجن ۽ اهڙا فوٽو جاپان جي اخبارن جي سرورق تي  هجن؛ ته ڇا ان لاءِ سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان رزوليوشن‘ پاس ڪيو هئو ته ان کي هيئن بيواه ڇڏيو ويندو! منهنجي حالت ته ڇڏيو پر خود جاپانين جي به دل ڀرجي پئي آئي، ته آخر  سنڌ گورنمينٽ ۽ پاڪستان جي مرڪزي سرڪار ڇا پئي ڪيو!

ان ڏينهن  ماميا پنهنجي گهران سونهاري سنڌ جا اجرڪ ۽ لوئي کڻي آيو هئو. هڪ جاپاني ڇوڪري يوڪو جڏهن اها اجرڪ پنهنجي جسم کي ويڙهي ته مون کلي چيومانس:

’اجرڪ ۾ هڪ جاپاني ڇوڪري به سنڌ جي مارئي پيئي لڳي!‘

يوڪو اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ويئي. پوءِ مون مارئيءَ جي ڪردار جي عظمت بيان ڪرڻ لاءِ سهڻي شاه لطيف جو هيءُ بيت بورڊ تي لکيو ۽ وضاحت ڪيئي:

واجهائي وطن کي، آءٌ جي هت مياس

ته گور منهنجي سومرا ڪنج پنوهارن پاس

ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجهان ولڙين واس،

ميائي جياس! جي وڃي مڙه ملير ڏي!

(شاه)

جڏهن ماميا صاحب منهنجي سمجهاڻيءَ کي جاپاني ٻوليءَ ۾ دهرايو ته هر هڪ شاگرد اصل سُن ٿي ويو. اها آهي مارئيءَ جي عظمت ۽ انفراديت! اهڙا ڪردار نه صرف پنهنجي اباڻن پر پوري ملڪ ۽ قوم جي عزت هوندا آهن!

ان بعد ماميا تمام شاگردن کي مختلف انساني رشتن جا نالا سنڌيءَ ۾ سيکارڻ شروع ڪيا. اهو سمجهائيندي سمجهائيندي بورڊ تي هڪ وڏو شاهي چارٽ ٺهي ويو. فطرتن ماميا صاحب کي ان لاءِ مون کان چڱي مدد وٺڻي پيئي هئي. پوءِ جڏهن ‘سيڻ‘ تي پهتاسين، ته مون ماميا کان اجازت وٺي شاه لطيف جو هڪ ٻيو بيت لکيو:

ايءَ نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي

اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،

پکن جي پريت مارن سين نه مٽيان!

 

ان شعر جي معنيٰ پڻ تمام شاگردن جي دلين ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ عزت وڌائي ڇڏي! آءٌ مارئيءَ جي ڪردار جي عظمت ٻڌائيندي کين ان سچائيءَ کان پڻ واقف ڪرايو ته سنڌ ماڻهو عزت جي تحفظ لاءِ جان ڏيئي ڇڏيندا آهن؛ تڏهن ئي ته سنڌ جي ڪهڙي به ڳاڙهي بازار ۾ هڪ به سنڌي عورت نظر ئي ڪونه ايندي! اهو آهي سنڌي عورت جو ڪردار، جو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تعظيم رکندو  پيو اچي!

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے