25 سومر , جون 2018

ڪهت ڪبير مڇي پاڻيءَ منجهه پياسي ….!!:نوراحمد جنجهي

ڪبير ڀڳت جي شاعريءَ بابت  لکندي، ان جا ڪيئي روپ سامهون اچن ٿا. ڪبير ويدانت جو به وديا دان آهي ته هندو مت کي ڄاڻي ٿو. اسلام کان به واقف نظراچي ٿو. ڀڳتي پنٿ جو جا پار پتا هو وڏي تفصيل سان ڏئي ٿو. شاعريءَ کين پنهنجي من اندر جي ڳالهه جو ميڊيئم ڪري چونڊيو آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي ڳالهه کي ماڻهوءَ جي من ۾ لاهڻ چاهي ٿو. ماڻهوءَ جو من جيڪو ايترو پُرپيچ ۽ گهڻ دائرائي آهي جو ان جا جيترا تهه به هيستائين کُليا آهن انهن به دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃا ڪيترائي تهه اڳتي هلي کُلڻا آهن جيڪي انسان کي پنهنجي ارتقا ڏانهن وٺي ويندا.انسان جي سموري ارتقا ان جي  مهڙ ۾  انسان  جي ذهني ارتقا آهي ، جنهن جي آڌار تي هن طبعي يا جسماني ارتقا جا مرحلا  طئي  ڪري هومو سيپيئنس جي پد تي پهتو آهي. ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعريءَ وسيلي حيرت وارا هنڌ ڏيکاري ٿو جن جو ادراڪ انساني ذهن کي کولي ڇڏي ٿو. ان حيرت مان انساني ذهن جيڪو اُتساهه ماڻي ٿو تنهن کي امام بنائي هو اڳتي وڌي ٿو. ڪبير جي ڳالهه سادي سودي هئڻ باوجود انساني ذهن کي متحرڪ ڪري ٿي. هو ڌرتيءَ کي ڏسي ٿو ته ان بابت اظهاري ٿو. انسانن جي رويئي جي پُرپيچ پاسن کي پروڙي ٿو ته ان بابت ڳالهائي ٿو. مذهبن جي منجهائيندڙ پاسن بابت به اظهار ڪري ٿو. هو اُڀ ڏانهن ڏسندي ، هن ريت ٻولي ٿو؛

گگن مڻهه گيب نسان اُڙي

چندر هار چندوا جهان ڻانگي،  مُکتا مانک مڙهي

مهما تاس ديکهه من تهر کر، روسس جوت جري

کهين کبير پيئي جوئي جن، ماتا پهرت مري

گگن (عرش) جي مٺ ۾ غيب جو جهنڊو جهولي رهيو آهي جنهن  ۾ چنڊ تارن جا هيرا جواهر جڙيل آهن. انهي عظيم نظاري جو ديدار ڪري روح ۽ قلب جو سڪون حاصل ڪريو جنهن ۾  چنڊ ۽ سج روشن آهن. ڪبير چوي ٿو جنهن ان  عظيم لقاءَ مان پريم جام پيتو اهو مستو مست ٿي گهمندو وتي ٿو. گگن جي انهي غيباڻي احوال جي سُڌ کي عام ماڻهوءَ جي سوچ ۾ آڻي ، ڪائنات جي پيچيدي منڊ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪبير، اُڀ پولار جي تارن ۽ چنڊ کي  ٽانڪيل هيرا جواهر ڪوٺي ٿو. ان کان وڌ هو فطرت جي ان جمال جي جلوي جي روحاني خوشيءَ جي  مدامي مستيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڪبير جي ان خيال بابت محترم علي سردار جعفري پنهنجي ڪتاب ”ڪبيرباني“ ۾ لکي ٿو” اس سنت شاعر ني  بار بار خدا کي نور سي  تعبيرڪيا هي. يه خيال ڪبير کا اسلامي ورثه هي.“ اهڙي طرح ڪبير پنهنجي من جي ڳالهه کي عام ماڻهوءَ تائين به پهچائڻ چاهي ٿو.

ڪبير ڀڳت  ماڻهوءَ کي ڀٽڪڻ کان روڪي ٿو ۽ لطيف وانگر چوي ٿو ته مالڪ ڳوليندي ڪنهن وڻڪار وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. هو ته هنيين منجهه حاضر آهي. هو ٻاهر ڀٽڪڻ جي تصور کي مڇيءَ جي رهڻي ڪهڻي جو مثال ڏيندي، سمجهائي ٿوته مڇي پاڻيءَ جي وچ ۾ رهندي ڪيئن نه اُڃاري رهي ٿي. ان تي ڪبير کي کل اچي ٿي. هو چوي ٿو گهر ۾ وسندڙ شئي نظر ڇو نٿي اچي. ان جي ڳولا ۾ ماڻهو بن بن ڇو ٿا ڀٽڪن. در در ڇو ٿا رُلن. آتم گيان بنا جڳ ڪوڙو آهي پوءِ هو مٿرا وڃي يا ڪاشي. هو فرمائي ٿو؛

پاني بيچ مين پياسي،

مونهي سُن سُن آوي هانسي،

گهر مين وست نجر نهين آوت

بن بن پهرت اُداسي

آتم گيان بنا جگ جهونڻها

کيا متهرا کيا کاسي

انسان جي قلب جي اها ڳالهه شاعريءَ جي سموري ڪلاسيڪي ورثي ۾ ملي ٿي ته انسان جي  دل ، دلبر جو ديرو آهي. پاڻ سُڃاڻڻ جي پرک مان لنگهي ماڻهو ان ادراڪ جي اوٽ ۾ اچي بيهي ٿو جتان انساني  ذهن روشني ماڻي ٿو. اها روشني انسان کي اڳتي وٺي هلي ٿي. ڪبير ڀڳت حيرانيءَ جي جهان بابت  ڪيئي سوال  اُٿاري ٿو ته ساڌو تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آيو آهين؟ هو اعلى ۽ ارفع ڪٿي وسي ٿو ؟ ڪائنات کي ڪيئن ناچ نچائي رهيو آهي؟ باهه ڪاٺيءَ ۾ لڪل آهي پوءِ ان کي ڪير جاڳائي ٿو؟ جڏهن ڪاٺي سڙي رک ٿئي ٿي ته باهه ڪيڏانهن هلي وڃي ٿي؟ هو چوي ٿو؛

سادهو، کو هي کهان سي آيو،

تيهي کي من دهون  کهان بست هي، کو دهون ناچ نچايو،

پاوک سرو انگ کاڻهي مين، کو دهون ڊهک جگايو،

هوگيا کهاک تيج پن وا کو، کهو دهون کهان سمايو

ڪائنات جا اهي ڳوڙها مثال آهن جن وسيلي ڪبير سادي انداز ۾  همه اوستي حال احوال اوري ٿو. سادي انداز ۾ ڪيل ڳالهه عام ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي ويندي آهي. اهڙين حيرت وجهندڙ ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ ، ڀڳت ڪبير، محبوب ملڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته سهج سماڌي ڀلي آهي. هو اظهاري ٿو؛

سنتو سهج سمادهه بهلي،

سائين تي ملن بهيو جا دن تين،

سُرت نه انت چلي،

آنکهه نه موندون کان نه روندهون،

کايا کشٽ نه دهارون،

کهلي نين مين هنس هنس ديکهون،

سُندر روپ نهارون،

کهون سو نام، سُنون سو سمرڻ،

جو کچهه کرون سو پوجا،

گره اديان ايک سم ديکهون، بهائو مڻائون دوجا،

جهان جهان جائون، سوئي پرکرما،

جو کچهه کرون سو سيوا،

جب سوئون تب کرون دنڊوت، پوجون اور نه ديوا،

اوڻهت  بيڻهت کبهون نه بسري  ايسي تاري لاگي

کهين کبير يه اُنمن، سو کر گائي،

سُکهه دکهه کي اک پري پرم  سکهه تيهي  مين رها سمائي

ڪبير چوي ٿو ته جڏهن کان محبوب ملي ويو آهي  ٻئي ڪنهن ڏانهن خيال به نه ويو آهي. اک به بند نٿو ڪريان . ڪن به نٿو ٻُوٽيان ، نه ئي جسم کي ڪا تڪليف ڏيان ٿو. کُليل اکين سان کلي محبوب جي حسن جو جلوو ڏسان ٿو. چوان ٿو سو نالو نام آهي ٻُڌان ٿو سو ذڪر آهي. جيڪي ڪريان ٿو سا عبادت آهي. مون لاءِ گهر ۽ گلستان هڪجهڙا آهن.ٻيائي مٽجي ختم ٿي ويئي آهي. جتي جتي وڃان ٿو اهو شوق ڀريو طواف آهي ۽ جيڪو ڪجهه ڪريان ٿو سا خدمت آهي. سمهان ٿو ته سجدو ڪريان ٿو. ڪنهن ٻئي جي  بندگي نٿو ڪريان. دل مسلسل ان جي نالي جا گيت ڳائي ٿي . ڪوئي ناپاڪ لفظ زبان تي نٿو اچي. اُٿندي وهندي هن جي ياد گيري تازي رهي ٿي. وسرڻ جي وائي ناهي. ڪبير چوي ٿو مون مون دل جي ديوانگيءَ کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي . آئون ان ماڳ آهيان جتي دُک سُک ڪا معنى نٿا رکن.“

ڪبير جي ان روح رانئيندڙ سير جي بيان جي ڪيفيت به نرالي آهي. سهج سماڌي واقعي ماڻهوءَ کي ماڻهو بنائي ڇڏي ٿي. سندسن من روشن ٿي پوي ٿو. ساريءَ قصر تي نگاهه وجهي ٿو ته هردريءَ دريچي مان کيس ”هو“ ئي نظراچي ٿو. لطيف سائين به فرمايو آهي ته

سُتا سي سونهن، ننڊ عبادت جن جي

اهڙي پد تي پهتل انسانن جي روحاني ۽ ذهني ڪيفيتن جي ڪمال جو بيان به لازوال آهي.  ذهن ان مستيءَ مان جيڪي مزا ماڻي ٿو تن جو بيان ڪبير جي ڪوت ۾ جا بجا ملي ٿو. ٻيائي مٽجي وڃي ٿي. ٻيائي نظر ۽ سوچ جو سراب آهي. ڪائنات ته هيڪائي هيڪ آهي. وحدت مان ڪثرت ٿي آهي. ڪثرت کي موٽي وحدت سان ملڻو آهي. هر شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽ کائي ٿي. مارئيءَ جو جهانگين جي جهوريءَ ۾ جهڄڻ بي معنى ڪانهي. جڏهن انساني ذهن خيال جي پختگيءَ کي رسي ٿو ته پوءِ انسان لاءِ هنڌ ڀيڻيون ڪا معنى نٿا رکن.

ڪبير جي شاعري جتي خيال جا واهڙ وهائي ٿي تتي سندس سادو بيان ڪيئي اصطلاح ۽ لفظ به آڇي ٿو. آتم گيان اهڙو اصطلاح آهي جنهن بابت جيترو لکجي اوترو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ ته آتم گيان بابت جيڪي ڪجهه هيستائين بيان ڪيو ويو آهي اهو اتي ڇيهه نٿو ڪري،  پر هلندڙ آهي . انسان جي صلاحيتن بابت قديمي ڪارو جادوءَ کان وٺي ، بندوبستڪاري جي جديد سکيائن تائين انيڪ ڳالهيون ٻُڌايون ويون آهن جيڪي جادوءَ جهڙيون نظراچڻ باوجود غيرجادوئي آهن. انسان کي پنهنجي پاڻيءَ جي خبرناهي ته هو ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. هو رڳو ايترو سمجهي يا محسوس ڪري سگهي ٿو جيترو سندس تجربو آهي. حقيقت ۾ انساني سگهه جي حد جي پروڙ انسان پاڻ کي به ناهي. هو جيترو ڪم ڪار ڪري ٿو، علم سکي ٿو ، تجربو ماڻي ٿو ، پنهنجي حدن کي اوتروئي محدود سمجهي ٿو. جڏهن ته آتم گيان ان کان گهڻو اڳتي آهي. جيترو وڌيڪ آتم گيان هوندو انسان ۾ اوتروئي وڌيڪ  پنهنجي شناس پيدا ٿيندي  جيڪا کيس خدا شناسيءَ ڏانهن وٺي ويندي. مٿرا ۽ ڪاشي ماڳن جا نالا آهن. گگن اُڀ کي چئبو آهي . مٺ  ساڌڻ جي ماڳ يا مڙهيءَ کي ڪوٺيو ويندو آهي. ساڌو ، انسان ڪامل آهي جنهن جي ذهني پختگي کيس آتم گياني بنائي ٿي. ڪبير مطابق ؛

ساڌ ڪهاوڻ ڪهاوڻ ڪٺن هي، لمبا پيڙ کهجور

چڙهي تو چاکهي پريم رس، گري تو چکنا چور

اهڙي طرح ساڌ جا گڻ به ٻُڌائي ٿو ته انسان گڏوگڏ ڪائنات تي غور ڪرڻ جي ڪوٺ به ڏئي ٿو جيئن انسان مادي ۽ توانائيءَ جي تعلق کي سمجهي سگهي. روح ۽ جسم جي سٻنڌ کي  پروڙي سگهي. ڪبير وٽ ”نام“ جو اصطلاح به ڳوڙهيءَ معنى ۾ استعمال ڪري  ٿو . اهو نام سمورن نامن جو منبع آهي. هو نج نام جي ڳالهه ڪري ٿو. ڀرم ۽ ڀانئڻ جي ڳالهه مان اڳتي لنگهي يقين جي ميدان ۾ پير پائڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اهڙي طرح ڪبير جي ڪهت اندر اجارڻ جا واهڙ وهائيندي ، وهندي رهي ٿي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے