25 سومر , جون 2018

ٿڌي واري ٿر جي ۽ لطيف سرڪار :مشتاق باگاڻي

29 سيپٽمبر 2003ع شام جو عمر ڪوٽ پهتاسين، قلعي کي ويجهوئي راٺوڙن جون رهائش گاهون هيون، سنڌ جي ميداني علائقي ۽ ٿر جي دنگ تي عمر ڪوٽ جو شهر اڏيل آهي.  نهايت ئي خوبصورت، قدري ننڍو پر عاليشان شهر آهي. صاف سٿريون گهٽيون. پڪيون خوبصورت جڙيل جايون. امن ۽ شانتي وارو شهر ڏسڻ ۾ آيو. پنجويهه سال اڳ آئون ڪميان ڪم ڪري عمر ڪوٽ جو قلعو ڏسڻ آيو هوس. هاڻ ٻيو ڀيرو هن شهر ۾ اچڻ جو موقعو مليو ته ڏٺم ته آبادي گهڻي وڌيل هئي، ڏک، ڏڪار ۽ ٻين مختلف سن جي ڪري ماڻهو ٻهراڙيون ڇڏيندا شهرن ۾ اچي آباد ٿيڻ  لڳيا هئا. رات جي مانيءَ  جي دعوت ڊاڪٽر انور جي گهر ۾ رکيل هئي. نان نوش  ڪري اسين سندس والد ڪاڪا خالق ڏني جي گهر وياسين،  جيڪو قلعي جي بلڪل سامهون گهٽيءَ ۾هو. پاڻ عمر رشيده هو پر حشاش بشاش نظر آيو.

روينيو تپيداريءَ تان رٽائر ڪري، علو ڪوٽڙيو ڇڏي شهر ۾ اچي رهائش پذير ٿيو هو. وٽس سٺي زمينداري هئي. چار سئو کن ايڪڙ زمين ميداني علائقي ۾ موڪي پاڻيءَ  تي ۽ چار سئو کن ايڪڙ عمر ڪوٽ کان چار ميل ڏکڻ طرف ٿر ۾ هئي. کيس ٽي پٽ هئا. وڏو ڊاڪٽر انور ٻيون نمبر غلام سرور جيڪو علو ڪوٽڙيو ۾ اسان جو ميزبان هو ۽ ٽيون نمبر علي مراد ، راٺوڙ  وڏي عمر هوندي به خوش مزاج ۽ خوش پوش هو. روزي نماز جو پابند ديندار شخص، دزندگيءَ مان مطمعن نظر آيو. رهائش جو بندوبست سندن پاڙي ۾ عبدالڪريم پليءَ وارن جي بنگلي ۾ ٿيل هو. اتي ڪافي دير ڪچهري ڪري ننڊ جي حوالي ٿي وياسين.

صبح جو نيرن پاڻيءَ کان فارع ٿي قلعو ڏسڻ وياسين. الائي ڇو قلعو ڏسڻ ساڻ ئي مارئيءَ جا آلاپ ۽ ورلاپ ڪنن ۾گونجڻ لڳا.

مٿي ڪوٽ تي چڙهي جڏهن ملير ڏي مهاڙ ڪئيسين ته ڀٽن جون قطارون، ڪالهوڪو ڏٺل مارئيءَ جي سرتين جو کوهه ۽ سڙيل سيٽ اکين اڳيان ڦري آيا. ڪالهه  اسين مارئيءَ  جي ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ هئاسين. ڀٽون به اهي ئي ساڳوڻيون هيون ۽ کوهه به ساڳيو. اڳي ته جيڪو مارئي جي ڏيهه کان عمر ڪوٽ ايندو هو ته ڀٽائي مارئي  جي زباني هينئن چوندو هو.

جو ڏيهه ڏاڏاڻئان آئيو، پيرين تنهن پئان

ساڱائتوءَ سيد چئي، سنديون چت چئان

هتي تان نه هئان، صرف لٿي هيڪڙي

(شاهه)

گوبخشاڻي صاحب عمرڪوٽ بابت ” امر ڪوٽ ملير کان پنجاهه ڪوهه پري آهي، رسالي جي سڀني قلمي نسخن ۾ ”  امرڪوٽ “ جو لفظ ”  الف“ ۽ نه ” عين“ سان لکيل آهي. اهائي صحيح هِجي آهي. ڇو ته امر ڪوٽ جو شهر پرمار گهراڻي جي راجپوت امر سنگهه اٽڪل يارهين صدي عيسويءَ ۾ ٻڌايو هو ۽ عمر سومري سان ڪوبه واسطو ڪونه اٿس ( ڏسو ٽاڊ صاحب جو راجستان جلد 2، ص 234).

تصور ۾مارئيءَ کي پنهنجي وطن ڪاڻ بي قرار ڏسي مون کي  لطيف سرڪار  جو هي بيت ياد اچي ويو.

ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏِ ۾ لاهِه

ڪامڻ آنهن جي ڪُر جي ، آڏ وڏائي آهه

هت ۾ پاڙج هيڪڙو، پائر جي پساهه

ستي سيل نباهه، ملير ويندينءَ مارئي .

(شاهه)

لطيف سرڪار کي به مارئي کي عمر جي قيد مان آزاد  ڪرائڻ جي اون هئي، فرمائين ٿا.

جي هت هئي مارئي ، ته لڌيم ڪر ڪيڻاس

ارداسيم عمر کي، ويجهو ٿي وٽاس

جي نه ڇڏيائين، ڪ جهليائين، ته پنهنجو انگ آڇيانس

لاهي لوهه لطيف چئي، هتان هوند هلانس

موکي ملير سامهين، وٺي ٻانهن وڃانس

رهبر ٿي ريڙهيانس، سونهاري ساڻيهه ڏي (شاهه) وڏي ڀاڳن واري هوندي مارئي، جنهن کي لطيف سرڪار ٻانهن کان وٺي سونهاري ساڻيهه ڏانهن اماڻيندو. هي شهر ڀاڳن وارو چئجي جنهن سڄو سال مارئي کي مهمان طور سنڀالي رکيو.

چون ٿا اڪبر  اعظم هتي ڄائو هو ڄائو هوندو، نادر شاهه، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پويان هتي اچي پهتو، اهڙا ڪيئي تاريخ جا بي رحم واقعا دماغ جي پردي تي ڦرندا رهيا. اسين شهر ڇڏي ڏکڻ طرف مُهراڻي جي منڍ ۾ واقع ڪاڪا خالق ڏني جي کيٽن تي پهتاسين. سارا کيٽ گل وگلزار، ڏهرن ۾ گدرن ۽  ڇانهين جون واڙيون، پٽن تي چرندڙ مال جا ڌڻ. سانگيءَ خوب چيو آهي.

ٻٻاڻن جون آهن، ٻڪريون، بريون ۽ ڦلڦليون بيرڪ.

ڳلهيون ڳاڙهيون، ڪڇي، ڪوشون، ڪراڙيون، ڪٽيون ۽ ڪاريون. (سانگي)

ٿر جيترو سانگيءَ  جي رهبر ڀٽائيءَ  کي وڻندو هو. اوتروئي سانگيءَ کي. سانگيءَ  جي شاعريءَ ۾ ٿر جو ذڪر جا بجا ملندو. خاص طور تي مُهراڻي جو، جتي سانگيءَ  جا ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون رهاڻين ۾ ۽ شڪارن ۾گذرنديون هيون، هن کي ٿر جي هر شيءِ سان پيار هو. آئون سندس شاعري پڙهي رشڪ ڪندو هوس. اڄ ان ئي ٿر جي خوبصورت ترين علائقي مهراڻي ۾ آئون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکئين ڏسي رهيو هوس. گذريل مضمونن کان اوهان  کي به پاڻ سان گڏ ٿر جو سير  سفر ڪرائيندو رهيو آهيان. هتي سال اڻويهه سئو چار جي مارچ مهيني ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ جي رچيل هڪ غزل جون چند سٽون قارئين جي خذمت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ٿو گهران.

واهه مهراڻن جي ڪيٽيءَ  جو ڪريان ڪهڙو بيان

سير حاصل جنهن کي آهي،چوطرف آب روان

 

ماهه مارچ آهي، سال اوڻويهه سئو چار عيسوي

ڪيترن ڏينهن کان ڪيٽيءَ  ۾ رهون ٿا شاد مان

 

چيٽ سڀ آهي پڪو، آهن هي لابارن جا ڏينهن

ول لئيو، ڀاڪر ڀريو، هادي کڻن ٿا هيج مان

 

کيٽ ۾ پنهنجو کرو هر ڪنهن ڪيو آهي تيار

سڀ ڪوئي جولان ڪري پوکن ۾ پنهنجي پهلوان

 

جو ٽڪر لڻجي ٿو تنهن ۾ مال چارڻ ليهءِ ڇڏين

ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون ڪن قوت کائي بي گمان

 

نون پاين ٿو ملي هڪ سير پڪو کير جو

ڏيڍ روپئي ٿو ملي حُلواڻ، ٻن رپين جو آن

 

رهندي هت ڇويهه ڏينهن ٿيا،آهن بافضل خدا

خيرو خوبيءَ  سان ٿا گذرن،ڏينهن با امن و امان

مير عبدالحسين سانگي جي ولادت سن 1851ع ۾مير عباس علي خان جي گهر ڪلڪتي ۾ جلا وطنيءَ دوران ٿي، سندس ولادت کان ڇهه ڏينهن کن پوءِ سندس والده بي بي بلقيس وفات ڪري وئي. چئن پنجن سالن جي عمر ۾ سندربن ٻيلي ڏانهن شڪار تي ويندي، ٻيڙيءَ  تي اوچتو بندوق ڇُٽڻ سبب سندن والد فوت ٿي ويو. سندس پرورش سندس چاچي مير حسن علي خان ڪئي، 18 سالن جي عمر ۾کيس هز هائنس جو خطاب مليو، هڪ ڀيري مُهراڻي جي ڪيٽيءَ تي شڪار دوران کيس اڃ لڳي. پاسي ۾ ملاحن جا گهر هئا. انهن کان پاڻي گهريائين. هڪ سهڻي ڇوڪري جنهن جو نالو حاجران هو. کيس پاڻي پياريو. مير حاحب کي اها ڇوڪري تمام گهڻي وڻي  وئي. نيٺ ساڻس شادي ڪيائين. هر جمعي جي رات گهر واريءَ  کي ساڻ ڪري گهوڙن  تي حيدرآباد کان ڀٽ شاهه اچي راڳ ٻڌي، صبح  جو واپس حيدرآباد ويندو هو. مير صاحب پنهنجي پياري گهر واري حاجران کي مُهراڻي جي  ڪيٽي ۽ گهاري شڪار تي گڏ وٺي ويندو هو.

ان پيار جي شاديءَ  کي اڃان چار سال مس ٿيا هئا جو حاجران به گذاري وئي. ٻئي زال مڙس جيئن ته لطيف سرڪار جا پانڌ…. هئا. ان ڪري حاجران جو جنازو کڻائي وڃي ڀٽ شاهه تي حضرت شاهه عبدالطيف جي روضي جي ڇانو ۾ دفنايو. ان وقت مير صاحب  جي عمر ٽيويهه سال هئي. چار سال سوزو  فراق ۾ گذارڻ کانپوءِ 27 سالن جي عمر ۾ هڪ انگريز جيڪو ٽنڊوالهيار ۾  سول سرجن هو، جي نياڻي سان شادي ڪيائين. گهوڙن تي ڀٽائيءَ جي درگاهه جي سفر  ۽ مهراڻي جا شڪار پوءِ به جاري وساري رهيا.

27 سالن جي عمر ۾ کين مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. شعرو شاعريءَ  جو مشغلو به جاري رهيو. آخر خميس ڏينهن 3 بجي شام تاريخ 8- ذوالقعد سن 1342ع هجري مطابق 12 جون سن 1924ع ۾ سانگي هتان هميشه لاءِ سانگ ڪري دارلبقا ڏانهن هليو ويو ( ڪليات سانگي ص 21) مير عبدالحسين سانگي  به ڀٽائيءَ تي  لطيف سرڪار جي پيرانديءَ ۾ ستل آهي.

مُهراڻي جا مور اڄ  به ٽهوڪاريندي ۽ تاڙا تنو ريندي ڏسبا. اسين پاڻ به ڳاڙهيون گدريون ڳولي رهيا هئاسين ۽ راهمون هاري به ڳاڙهيون ۽  کٽيون گدريون ۽ پڪل ڇاهيون پٽي کڻي آيو. خبرون ٻڌايائين ته ٻاجهر،  تر، مڱ ، ڪورڙ، چئونرا، گدريون، مهيا، ڇاهان ۽ چڀڙ گڏي ناڙي ڪندا آهن، جيڪا آکاڙ  ۾ پوکبي آهي، ٻي برسات ۾ گاهه گهڻو ڦٽندو آهي. اها ليڏاڻ ڪڍڻي پوندي آهي. ٽي برسات تي پوک پچي راس ٿيندي آهي.

پاڻي ۽ پرمار، لاڀي ته ليجي گهڻو

ديئڙيان ڌن مال، هجي ته ڏيجي گهڻو.

(هڪ چوڻي)

شام جوگهمي ڦري واپس آياسين. رات جي ماني ڊاڪٽر الهداد وٽ هئي. هن شاندار دعوت جو انتظام ڪيو هو. ڊاڪٽر الهداد به ڪافي عرصو جنگ شاهيءَ ۾ڪلينڪ هلائي ۽ غريبن جون دعائون کيائين رات جو دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي، وڏي اسور جو چئين بجي ننڊا کڙين اکين سان موٽر ۾ سوار ٿي پهرکن جي سفر کانپوءِ  اچي ٺٽي ڀيڙا ٿياسين. جنگشاهيءَ ۾ ڊاڪٽر الهداد کانپوءِ ڊاڪٽر انور آيو. ان کانپوءِ اها ڪلينڪ ڊاڪٽر  بقا محمد ۽ دولت وارن سنڀالي،  چوڏهن سال اڳي ٿر جا اهي سير سفر انهن جي مهابي نصيب ٿيا.

دولت اڃان ماڻهپي ۾ هو، مسڪين مهاڻن  توڙي ٻين راجن سان هڙان  وڙان پيو وهندو هو. ڊاڪٽر بقا محمد ان کي به پوئتي ڇڏي ويو. وڏي ڏاڙهي رکائي مولوي ٿي روزي  نماز ۾ ملن کي به ماري ويو، الائي ڪيترائي عُمرا ۽ حج ڪيائين. فطرت کي پنهنجن ٻچن سان پيار هوندو آهي. ٿر تي  پلرجي پالوٽ ٿي ته مارئي جي ملڪ ملير مان واعظ عليءَ  جو پارانڀو پهتو.

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون

وسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون.

(شاهه)

مون ڏانهن فون کڙڪايائين آواز آيو،

” سرين ساڻ سمن آهم اٺي مينهڙي “

(شاهه)

زماني جا خفا- مون الائي ڇو معذرت ڪندي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ  هلڻ جو واعدو  ڪيو،  ڏينهن گذرندي ويرم ڪا نه ٿي لڳي. ڪجهه مهينن کانپوءِ  رات جو هدايت الله  راٺوڙ جو فون آيو ۽ سانڀائي مهل ڊاڪٽر بقا محمد جو دٻلي ڪن تي رکي سلام ڪيم، آواز آيو هن ڀيري no excuse واعدو  ڪري ويٺس، جمعي  جي شام وڃي جنگشاهيءَ  ۾ سندن سلامي ٿيس.

ستين آڪٽوبر ويهه سئو سترهن تي سانڀائيءَ جو ڇهين بجي نماز پڙهي جنگشاهيءَ مان نڪتاسين، ڊاڪٽر بقا محمد، هدايت الله راٺوڙ، سائين پيار علي ۽ سائين حيدرعلي جوکيو همسفر هئا.

سائين تعليم کاتي ۾ سپروئيرز آهي. بايوميٽرڪ جو ڏڌل، ڳالهه ته ڀلي آهي، حڪومت جو اهو عمل ساراهه جوڳو ئي صحيح پر ايسيچين ۽ بيڪن هائوس  جهڙن تعليمي ادارن جي معيار کي، هي ويچاڙي ڪٿي پهچندي. ساڍي اٺين بجي بدين پهتاسين، نيرن جو بندوبست بدين ۾ ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ ۽ سيٺ محمد بخش ميمڻ وارن ڪيو هو. هي سٻاجهڙا ڀائر بدين ۾ صاف سٿري محلي ۾ رهندا آهن. سٻاجهڙا ۽ مهان نواز هونئن به سٿرو شهر ڏسڻ ۾ ايندو. غربت ۽  اميريءَ  جو فرق واضح نظر ايندو. گدرا ۽ گدريون گاڏن تي رکي جام گهورڙ يا وڪڻندي ٿي ڏٺاڻان. ماڻهو الائي ڇو ذوالفقار مرزا جي تعريف ڪندي ٻڌا ويا. ميداني علائقو ختم ٿيو. يارهين بجي ڪس تي پهتاسين ته ٿرجون ڀٽون شروع ٿي ويون. انهن ڀٽن جي جهوليءَ ۾ موڏو لنڊ جو ڳوٺ هو. اڳتي وياسين ته ساڄي طرف کيتلاريءَ ڏانهن رستو وڃي رهيو هو ۽ کٻي پاسي ڊوڍارو ڏانهن، هي مُهراڻي جي علائقو هو. الائي ڇو مون کي مُهراڻو ڏسندي ئي سانگي ياد اچي ويو. پاڻ شڪارتي نه رڳو مُهراڻي ۾ ايندو هو. بلڪه ڪو هستان به ويندو هو. سندس هٿ جي شڪارواري بندوق جو نالو هو. ناز پري، ان بندوق بابت سندس شعر آهي.

بدستم شده ناز پوري تفنگ

که نذدش زهيچست شيرو نهنگ

ڪوهستان ۾ هڪ شڪار  جي منظر کي پاڻ هيئن غزل ۾ قيد ڪيو اٿس.

تاريخ اڄ ستاويهين ، ماه نومبر آهه

آچر جي ڏينهن ويٺاسون خيمي کي گهر ڪري

ارڙهن سئو ۽ ٻيا نوي آهي سن مسيح

لوڻي جي ڪوٽ ۾ اسين آيا سفر ڪري

ٻاٽيڀڙ ۽ تلوريون ڇنن ۾ ٿيون ڪن ڇڳا

تتر سوين وتن ٿا وڻن ۾ ولر ڪري

دنيا جو چار ڏينهن آهي چٽڪو، يقين ڄاڻ

هارائي جو هتي، سو هتي ٿو ظفر ڪري

اسان جي گاڏيءَ کي سائين حيدر علي جوکيو هلائي رهيو هو. ڪاٺو ڀيل، ڍوڍو رو ڳوٺ، نيرو ٺي پٽ، ڍيڍي واري ڀٽ، ڪاپڙي واري ڀٽ ۽ موڏول ڀٽ جا بورڊ پڙهندا، ڪنڊا، ڪونڀٽ، اڪ، ٿوهر ، کبڙ نهاريندا، اڳتي مٺي طرف وڃي رهيا هئاسين، هاڻ ڏهر سوڙها ٿيندا پئي ويا. اڌڪو ڳوٺ ، موڏور ڳوٺ ، ڍاڀو پٽ، ڍاڀو واهر، واهر ڀٽ، ڄاريلي ڀٽ، روڙي وارو دڙو، پيلوڙو ڀٽ، ڍيڍ واري ڀٽ، ڪاٺو واري ڀٽ، ڪي نهاريندا ته ڪن جا نالا پڙهندا اڳتي وڌندا رهيا سين. اسان گاڏي  بيهاري هڪ شخص کان ڀٽن جا نالا پڇيا. هن پنهنجو نالو فدا حسين نهڙيو ٻڌايو هو موڏور ڳوٺ  جو رهڻ وارو هو. روڙي وارو ڍورو، ڳوٺ  هيلاريو،  ڳوٺ  پوسرڪو، ڳوٺ  پوکار ٻيواٽيو ۽ کاري واهه مٽي گاڏي  واري لڪ تي پهتاسين. هن خوبصورت ڀٽ کي ڪٽي روڊ ٺاهيو ويو آهي. گڊي ڀٽ تي چڙهي مٺي شهر جو نظارو ڪيوسين. مٺي جو شهر گڊي ڀٽ جي جهوليءَ ۾ بي قرار نظر آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے