21 اتوار , جنوری 2018

سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي سڃاڻپ:اسد کوکر

دنيا ۾ هر مهذب قوم جي پنهنجي تاريخ، تمدن ۽ ثقافت هوندي آهي. اها ثقافت انهن جي سڃاڻپ هوندي آهي، اٿڻي ويهڻي، ڪردار، عقل ۽ اخلاق جو آئينو پڻ هوندي آهي. ايتري قدر جو اها ثقافت انهن قومن جي آئيندي جو فيصلو پڻ ڪندي آهي ته انهن قومن جو مستقبل روشن هوندو يا تاريڪ! سنڌ جنهن جي سونهن سڀيتا ملڪان ملڪ مشهور آهي، ان جي به پنهنجي قديم تهذيب ۽ تمدن آهي، اها پنهنجي ثقافت ۽ سونهن جي مالڪ آهي، جنهن جون پاڙون ته موهن جي دڙي واري سونهري تهذيب ۾ کتل آهن، پر حال ۾ ان جي ڳالهه آهي ۽ مستقبل ان جو منتظر آهي.

سنڌ جنهن جو ٻيو نالو جنت الفردوس آهي، ان جي ٽوپي ۽ اجرڪ ثقافت جا وڏا مثال آهن ۽ سنڌي ماڻهو ان کي پنهنجو تاج سمجهي پائيندا آهن، سنڌين کي اگر ڪو ائين چوي ته سنڌي ٽوپيءَ بدران سلطاني سونو تاج پايو ته يقين سان اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ماڻهو تاج ڏانهن ٽيڏي اک سان به نه ڏسندو. ڇا ته ڳالهه ڪجي، پنهنجي سنڌي اجرڪ جي! جنهن تي رنڱيل ڳاڙها گل ۽ سونهن ڀريا، روح کي راحت ڏيندڙ، سڳنڌ سان سلهاڙيل مختلف رنگ ڄڻ ته خوشين جا خواب کڻي ٿا اچن. سنڌ جي اجرڪ ۾ اهڙي ته خوبصورت خوبي آهي، جو جي عورت پهريس ته ان جي حسن کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏي، جي مرد پهريس ته ان جي شخصيت جو شان بڻجي پوي. دنيا ۾ ڪٿي به اگر اجرڪ ۽ ٽوپي پائجي ته ان ملڪ جا ماڻهو آسانيءَ سان سڃاڻي سگهندا ته هو ڏسو سونهن ڀريو سنڌي. اهڙي طرح سنڌ جي ڏاند گاڏي، جا موهن جي دڙي واري دور کان اڄ تائين سنڌ جي هاريءَ ۽ محنت ڪش ماڻهوءَ جي علامت رهي آهي، اها به سنڌ جي ثقافت جو اڻ ٽٽ حصو آهي. جيڪڏهن گهر مهمان اچي، ۽ ان جي عزت ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ سکجي ته اهي به سنڌي سٻاجهڙا ئي آهن، جن وٽ آيل انسان جو قدر آهي. اهڙن محبوب موقعن تي، وري جڏهن سنڌ جي سگهڙ زالن جون سهڻي نموني ۽ وڏي ڪاريگريءَ سان ٽڪَ تي سبيل رنگ برنگي رليون  وڇائجي وينديون آهن ته پري کان پنڌ ڪري آيل مهمان جا ٿڪ ئي لهي ٿا پون.

دلو يا گهڙو، مهمانن ڏانهن ويندڙ مانيءَ جي مٿان رکيل رنگين رومال، عورتن جي مان واري مٿي ته اوڍيل رئو، يا گج تي ڀريل ڀرت، يا هرمچ تي سينگاريل چولا سنڌ جي عورتاڻي ثقافتي سونهن جو ڏيک آهن. مرد جون مان ۽ شان، بوسڪيءَ جو معتبر بڻائيندڙ پٽڪو يا سنڌي شلوار قميص، سگهڙن جون سياري جو مچ تي ويهي روح کي ريجهائيندڙ ڪچهريون ۽ اوطاقن ۾ آڌر ڀاءُ ڪندڙ معتبر  ۽ من کي وڻندڙ مرد، جيڪي پري پري کان روح جي رڃ جي پياس پوري ڪرڻ لاءِ جڏهن هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيندا آهن ته لڳندو آهي ته واقعي به سنڌي ماڻهو سهڻي ۽ من کي موهيندڙ دلچسپ ثقافت جا مالڪ آهن، جيڪا ثقافت ڀٽائيءَ جي بيتن جو مرڪز آهي، ۽ جنهن  کي سنڌ جي لاکيڻي لطيف پنهنجي شاعريءَ جي افق جو روشن تارو بڻائي هميشگي بخشي آهي. اهو ثقافت جو ستارو دنيا جي قومن جي آسمانن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي پيو آهي ۽ سنڌين کي ڀٽڪڻ کان بچايو آهي، ۽ سنڌ اهڙي ثقافت تي فخرمند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا:رکيل مورائي

هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے