21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

آمريڪا جي چوڻ تي اتر ڪوريا سان لاڳاپا ختم نه ڪنداسين: روس

منسڪ (ويب ڊيسڪ) روس آمريڪا طرفان اتر ڪوريا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. روسي پرڏيهي وزير سيرگئي لاوروف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ماسڪو حڪومت اتر ڪوريا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ ۽ نين پابندين جي خلاف آهي. بيلاروس جي راڄڌاني منسڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيرگئي لاوروف چيو ته اتر ڪوريائي بحران جي حل لاءِ پابنديون بي اثرائتيون ثابت ٿيون آهن. هن آمريڪا تي الزام هڻندي چيو ته اهي اتر ڪوريائي اڳواڻ ڪم جونگ کي چِڙ ڏيارڻ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيلي پارليامينٽ صيهوني رياست جو تڪراري بل منظور ڪري ورتو

يروشلم ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي پارليامينٽ اسرائيل کي صهيوني رياست قرار ڏيڻ جو تڪراري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے