19 اڱارو , جون 2018

سنڌ ۾ سڀاڻي موبائل فون سروس بند رکڻ جي سفارش، راولپنڊي ۽ بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي راولپنڊي ۽ بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڊبل سواري ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير تي پابندي هوندي، جڏهن ته موبائل سروس پڻ بند رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري وفاقي گهرو سيڪريٽري کي موبائل سروس جي بندش لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي ضلعي انتظاميا پنجاب جي گهرو وزارت کي سمري موڪلي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ڊبل سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته موبائل فون سروس به بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، راولپنڊي انتظاميا طرفان ميٽرو بس سروس به بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ جي گهرو سيڪريٽري وفاقي گهرو سيڪريٽري کي صوبي ۾ موبائل فون سروس جي بندش لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين موبائل فون سروس بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي گهرو کاتي موجب صوبي ۾ سڀاڻي موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي هوندي، جڏهن ته هٿيارن جي نمائش ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير تي به پابندي لڳائي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejected

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے